ڪوئٽا 7 وڪيٽن تي 157 رنز جو ٽارگٽ ڏنو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد يونائيٽڊ ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ڪوئٽا گليڊيئٽرز بيٽنگ شروع ڪئي، حسن علي جي پهرين اوور ۾ صائم ايوب چوڪو هڻي 5 رنز حاصل ڪيون پر پنجين بال تي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد ڪيمرون ڊيلپورٽ ۽ فاف ڊيوپليسي جارحانو انداز جاري رکيو پر 21 جي مجموعي اسڪور تي فهيم اشرف ڊيلپورٽ کي آئوٽ ڪيو. ڪوئٽا جو ٽيون نقصان ان وقت ٿيو جڏهن حسن علي ڊيوپليسي کي 17 رنز ٺاهڻ بعد آئوٽ ڪيو. ان بعد فهيم اشرف اعظم خان کي آئوٽ ڪيو جنهن صرف 4 رنز ٺاهيون هيون، 41 تي 4 آئوٽ ٿي ويا، بين ڪٽنگ هٽنگ شروع ڪئي ته سندس ڪيچ ڊراپ ٿيو جنهن بعد هن ڇڪو به هنيو. ڪٽنگ ٻن چوڪن ۽ ڇڪي جي مدد سان 23 اسڪور ٺاهيو ته شاداب کيس ڏهين اوور ۾ آئوٽ ڪيو. ان بعد نواز ۽ سرفراز بهتر راند ڪئي. سرفراز 4 ڇڪن 3 چوڪن جي مدد سان 41 بالن تي 54 رنز ٺاهي فهيم اشرف جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو.

. 19 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 145 رنز ٺاهيون. آخري اوور موسيٰ ڪرايو ٻن بالن تي 3 رنز ڏنائين سنگل ڏنائين، ٻه بال مس ڪرائي ٽي مسلسل وائيڊ بال ڪرايا ته اسڪور 151 تائين پڄي ويو. پنجين بال تي شاداب ڪيچ ڊراپ ڪيو پر رن زاهد کي رن آئوٽ ڪيو، آخري بال تي چوڪو لڳس ۽ ڪوئٽا 20 اوورز ۾ 156 رنز 7 وڪيٽن تي ٺاهي ورتا. شروع ۾ لڳي پيو ته ڪوئٽا وڏو اسڪور نه ڪري سگهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو