اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پيٽروليم ڊويزن 29 آڪٽوبر لاءِ پيٽروليم شين جا نوان اگهه مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 85 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 377 رپيا 91 پئسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 75 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جو نئون اگهه 399 رپيا 82 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.










