پنهنجن ئي ٻارن جون فحش وڊيوز ٺاهي وڪندڙ والد گرفتار

پنهنجن ئي ٻارن جون فحش وڊيوز ٺاهي وڪندڙ والد گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پنهنجن ئي معصوم ٻارن جون نازيبا وڊيوز ٺاهي وڪرو ڪندڙ والد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر محمد شعيب خان انڪشاف ڪيو ته ٻارن سان جنسي زيادتيءَ واري مواد جي ڪاروبار ۾ ملوث هڪ ٽولي جو هڪ جوابدار پنهنجن ئي ٻارن جون وڊيوز ٺاهي وڪرو ڪري رهيو هو.
ٻارن جي عمر پنجن کان ڇهن سالن جي وچ ۾ هئي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي قسم جو خوفناڪ ڪيس اڳ ڪڏهن به سامهون نه آيو آهي.
اين سي سي آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر موجب، ٻارن جون فحش ويڊيو ٺاهيندڙ گينگ جو سربراهه به گرفتار ڪيو آهي جنهن جو تعلق اسڪردو سان آهي، اهو رهي اسلام آباد ۾ پيو. جڏهن ته ان ٽولي جو نشانو ڇهن ستن سالن کان وٺي 15 سالن تائين جي عمر وارا ٻار هئا. ٻارن جون نازيبا وڊيوز ٽيليگرام ذريعي وڪرو ڪيون وينديون هيون.
اين سي سي آءِ اي موجب، هن نيٽ ورڪ جي جاچ دوران ٻارن جي جنسي استحصال سان گڏ جانورن تي تشدد ۽ انهن سان جنسي زيادتيءَ جون وڊيوز ٺاهڻ جو معاملو پڻ سامهون آيو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته عالمي ادارن جي سهڪار سان هڪ مهيني تائين جاچ جاري رهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ملتان، اسلام آباد ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
اين سي سي آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر محمد شعيب خان چيو ته والدين ۾ آگاهي پيدا ڪئي ويندي ته ٻار موبائل فون تي ڇا ڏسن ٿا ۽ ان جي نگراني ڪيئن ڪري سگهجي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪي والدين پنهنجن ٻارن جي ڏوهن بابت ڄاڻ هئڻ باوجود رپورٽ نٿا ڪن، انهن خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي ويندي.
اين سي سي آءِ اي جي اختيارين موجب، سائبر ڏوهن بابت شڪايتون داخل ڪرائڻ لاءِ هيلپ لائن 1799 پڻ فعال آهي.
هن عوام کي اپيل ڪئي ته اوهان رڳو اسانکي اطلاع ڏيو، ڪير ڪيترو به طاقتور هجي، ڪهڙي به شهر ۾ هجي اسين کيس گرفتار ڪري اوهانکي تحفظ ڏينداسين.
ظلم جو شڪار ماڻهن جي سڃاڻپ راز ۾ رکي ويندي، ڪنهن کي به ظاهر نه ڪنداسين. هر مظلوم جي تمام جلد داد رسي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو