برطانيا کان پينشن وصول ڪندڙ 107 سالن جي آخري پاڪستاني عورت فوت

برطانيا کان پينشن وصول ڪندڙ 107 سالن جي آخري پاڪستاني عورت فوت

جهڏو(ن س)برطانوي دور حڪومت ۾ پينشن حاصل ڪندڙ عورت 107 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
جنت خاتون قائمخاني کي برطانوي حڪومت طرفان پينشن حاصل ڪندڙ آخري پاڪستاني زنده عورت تصور ڪيو ويندو هو.
جنت خاتون قائمخاني جو تعلق سنڌ جي شهر جهڏو سان هو، سندس مڙس عبدالشڪور قائمخاني پنجاب هارس رجمنٽ ۾ سپاهيءَ طور خدمتون سرانجام ڏيندو هو، جتي ملازمت دوران سندس وفات ٿي وئي هئي.
مڙس جي وفات کانپوءِ برطانوي حڪومت سندس 80 هزار کان وڌيڪ پينشن جنت خاتون جي نالي منتقل ڪري ڇڏي هئي. هوءَ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين گڏيل قومن (يو اين) ذريعي اها پينشن وصول ڪندي رهي.
جنت خاتون قائمخاني 1919ع ۾ هندستان جي رياست راجستان جي ضلعي جهونجهونو ۾ پيدا ٿي هئي. هوءَ جهڏو ٽائون ڪميٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين عمر دراز قائمخاني جي والده هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو