’ڪوانٽم ڪمپيوٽر بئنڪن جو حفاظتي نظام ٽوڙي سگهي ٿو‘

’ڪوانٽم ڪمپيوٽر بئنڪن جو حفاظتي نظام ٽوڙي سگهي ٿو‘

پيرس(ويب ڊيسڪ)آن لائين بئنڪ اڪائونٽن ۽ ذاتي ڊيٽا جي حفاظت لاءِ استعمال ٿيندڙ نظام RSA-2048 اعليٰ درجي جو انڪرپشن نظام آهي، ان کي 23 هزار ڪوبٽس رکندڙ ڪوانٽم ڪمپيوٽر ذريعي ٽوڙي سگهجي ٿو. اها ڳالهه فرانسيسي ڪمپني ”ايلس اينڊ باب“ (Alice & Bob) تفصيلي تحقيق کانپوءِ سامهون آندي آهي. جيتوڻيڪ اهو في الحال هڪ اندازو آهي، پر ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ هن ڪمپني جو خيال آهي ته ڏهاڪي جي پڄاڻيءَ تائين اها اڳڪٿي حقيقت بڻجي سگهي ٿي.
RSA-2048 انڪرپشن کي ڊجيٽل تحفظ جو هڪ معياري ۽ مضبوط ترين نظام سمجهيو ويندو آهي. اهو ويب سائيٽن، سماجي رابطن جي پليٽ فارمن، آن لائين بئنڪنگ ۽ ڊيٽا محفوظ رکڻ جي نظام سميت اسان جي ڊجيٽل ڍانچي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. ان کي ٽوڙڻ انتهائي ڏکيو سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ 617 انگن تي ٻڌل هڪ وڏي عدد کي ٻن بنيادي عددن (Prime Numbers) جي صورت ۾ ورهائڻو پوندو آهي.
عملي طور تي هي انڪرپشن ٺاهڻ آسان، پر ٽوڙڻ ڏکيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته روايتي ڪمپيوٽرن کي ان جو ڪوڊ ٽوڙڻ لاءِ ايتري وڏي رقم ۽ وقت خرچ ڪرڻو پوندو، جو انڪرپشن ٽوڙڻ سان حاصل ٿيندڙ فائدو ان خرچ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ هوندو. پر ڪوانٽم ڪمپيوٽر اچڻ سان صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ انڪرپشن ٽوڙڻ نسبتاً آسان ۽ گهٽ خرچ وارو ٿي سگهي ٿو.
پيٽر شور جو الگورٿم ڇا آهي؟
1994ع ۾ رياضي دان پيٽر شور (Peter Shor) دنيا آڏو پنهنجو مشهور الگورٿم پيش ڪيو هو، جيڪو RSA-2048 انڪرپشن کي ٽوڙڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پر ان لاءِ هڪ اهڙو ڪوانٽم ڪمپيوٽر گهربل آهي، جيڪو ايترو وڏو ۽ درست هجي جو اهو الگورٿم هلائي سگهي.
ڇاڪاڻ ته فزيڪل ڪوبٽس ۾ غلطيون ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي، تنهنڪري شور جو الگورٿم هلائيندڙ ڪوانٽم ڪمپيوٽر ۾ غلطين جي سڌاري جو نظام (Error Correction Mechanism) پڻ ضروري هوندو، ته جيئن ان مان صحيح نتيجا حاصل ڪري سگهجن.
2019ع ۾ گوگل ڪوانٽم اي آءِ جي محققن اڳڪٿي ڪئي هئي ته RSA-2048 انڪرپشن ٽوڙڻ لاءِ 2 ڪروڙ فزيڪل ڪوبٽس رکندڙ ڪوانٽم ڪمپيوٽر گهربل هوندو. ايندڙ ڇهن سالن دوران اهو انگ گهٽجي هڪ لک کان به هيٺ اچي ويو.
ان بهتريءَ جو هڪ سبب اهو آهي ته گذريل 30 سالن دوران رياضي دانن پاڻ الگورٿم کي وڌيڪ ڪارائتو بڻايو آهي. ٻيو سبب ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ ترقي آهي، جنهن سبب ڪوبٽس جي منطقي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي.
ڪيٽ ڪوبٽس ڪيئن مددگار ٿي سگهن ٿا؟
فرانس جي هڪ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ڪمپني، جيڪا ڪيٽ ڪوبٽس (Cat Qubits) استعمال ڪري ٿي، 2023ع ۾ شور جي الگورٿم بابت اهڙو ئي اندازو لڳايو هو. ان وقت ڪمپنيءَ جو چوڻ هو ته انڪرپشن ٽوڙڻ لاءِ رڳو 3 لک 50 هزار ڪوبٽس گهربل هوندا.
هاڻي وڌيڪ بهتر ڪيٽ ڪوبٽس استعمال ڪندي نئين اندازي موجب اهو انگ گهٽجي 23 هزار ٿي ويو آهي، جڏهن ته انڪرپشن ٽوڙڻ لاءِ گهربل وقت 3.14 ڏينهن ٻڌايو ويو آهي.
جيتوڻيڪ اڄوڪي دور ۾ ڪو به ڪوانٽم ڪمپيوٽر 23 هزار ڪوبٽس جي صلاحيت نٿو رکي، پر اهو انگ ايترو گهٽ آهي جو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ ان منزل تائين پهچڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. ڪوبٽس جي تعداد سان گڏ ڪمپيوٽر کي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ گهربل وقت به اهم آهي. تنهنڪري 6 لک 10 هزار 530 ڪيٽ ڪوبٽس وارو ڪوانٽم ڪمپيوٽر اهو ئي ڪم رڳو ڏيڍ ڪلاڪ ۾ ڪري سگهي ٿو.
ايتري وڏي تعداد ۾ ڪوبٽس وارو ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج ان لاءِ گهربل اضافي بنيادي ڍانچي جو آهي، جنهن کي مناسب سائيز جي ليبارٽريءَ ۾ سمائڻ به ضروري هوندو. ايلس اينڊ باب جي محققن جو خيال آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن اندر اهڙو ڪوانٽم ڪمپيوٽر ٺاهڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو، جنهن کانپوءِ RSA-2048 انڪرپشن غيرمؤثر بڻجي ويندي.
خوشقسمتيءَ سان ڪوانٽم ڪمپيوٽرن جي خطري کي نظر ۾ رکندي متبادل انڪرپشن جا معيار (Post-Quantum Encryption Standards) اڳ ئي موجود آهن، پر انهن جي اڃا وڏي پيماني تي آزمائش نه ٿي آهي. تحقيق ۾ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي انهن متبادل نظامن جي وڌيڪ سخت جاچ ڪن ۽ ڪوانٽم ڪمپيوٽر عام ٿيڻ کان اڳ پنهنجا نظام نون الگورٿمن ڏانهن منتقل ڪن.
هي تحقيق اڃا تائين ٻين ماهرن جي جائزي (Peer Review) مان نه گذري آهي، پر ان کي ڪرپٽالاجي اي پرنٽ آرڪائيو (Cryptology ePrint Archive) ۾ شايع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو