ترڪي جي  پارليامينٽ دفاعي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ترڪي جي پارليامينٽ دفاعي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

انقره(ويب ڊيسڪ) ترڪيه جي پارليامينٽ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي. ترڪ ميڊيا موجب 600 ميمبرن واري ترڪ پارليامينٽ ۾ معاهدي جي حق ۾ 279 ووٽ پيا، جڏهن ته 119 ميمبرن مخالفت ڪئي. ووٽنگ جي عمل ۾ مجموعي طور 398 ميمبرن حصو ورتو.ترڪ پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته هي اتحاد مڪمل طور دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ان جو مقصد ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملو ڪرڻ ناهي.حڪمران جماعت جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي جي ميمبر ضيا آلتونيالدز چيو ته معاهدي جو مقصد خطي ۾ سلامتيءَ جي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ آهي.ياد رهي ته ترڪيه، پاڪستان ۽ سعودي عرب 7 آگسٽ تي مڪي مڪرمہ ۾ ان معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردگان پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو