منگهو پير ۾ ڀت  جو حصو ڪرڻ سبب 1 ڄڻو فوت، 4 زخمي

منگهو پير ۾ ڀت جو حصو ڪرڻ سبب 1 ڄڻو فوت، 4 زخمي

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) منگهو پير روڊ ڀرسان عمارت جو ڪجهه حصو ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ڪراچي جي علائقي نئين ناظم آباد ۾ پيش آيل حادثي کانپوءِ امدادي ادارن جو ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ ملبو هٽائڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ ڪنهن به شخص جي ملبي هيٺان دٻيل هجڻ جو خدشو ناهي.وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته حادثي جا سبب ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت بابت آگاهه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو