پشاور هاءِ ڪورٽ کي ايم پي او ڪيس نه ٻڌڻ جو حڪم

پشاور هاءِ ڪورٽ کي ايم پي او ڪيس نه ٻڌڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ کي ايم پي او تحت گرفتارين بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ايندڙ حڪمن تائين روڪي ڇڏي.چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته معاملي ۾ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ٻيون ڌريون عدالتي حڪم ڏسي پنهنجون درخواستون داخل ڪرائي سگهن ٿيون.چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٻہ رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.واضح رهي ته سهيل آفريدي سميت ٻين جي ٿري ايم پي او تحت گرفتارين جو معاملو پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت پشاور هاءِ ڪورٽ جي مختلف حڪمن کي وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو