جوتا چٽڻ جو حڪم ڏيندڙ پنچائيت جا 4 ميمبر گرفتار

جوتا چٽڻ جو حڪم ڏيندڙ پنچائيت جا 4 ميمبر گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي مظفر ڳڙهه جي علائقي خانڳڙهه ۾ ٽن ٻارن کي ساٿي ٻار جا جوتا چٽائڻ جو فيصلو ڪندڙ پنچائيت جا 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن.
بي بي سي جي رپورٽ ۾ مظفر ڳڙهه پوليس جي ترجمان افتخار ملڪاڻي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته 15 آڪٽوبر تي معمولي رنجش سبب نو عمر ٻارن هڪ ٻار کي زنجيرن ۾ جڪڙي هن کي جوٽا چٽڻ جي سزا ڏني.
ان معاملي جي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد متاثره ٻار جي والدين پنچائيت کي شڪايت ڪئي ته 27 ميمبرن واري پنچائيت ٽنهي ٻارن کي متاثره ٻار جا جوتا چٽڻ جي سزا ڏني.
پنچائيت جي فيصلي جي ويڊيو وائرل ٿي ته معاملو ڊي پي او تائين پهتو جنهن نوٽيس وٺندي ان کي غير انساني ۽ انسانيت جي وقار خلاف پنچائيت تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
پوليس ترجمان موجب 4 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو