اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ لاءِ ٽرانسفارمر بيسڊ لوڊ مئنيجمينٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو. وفاقي وزير توانائي اويس احمد لغاري گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي وڌيڪ بجلي نقصان وارن علائقن ۾ به لوڊشيڊنگ جو مدو گهٽائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي خيبرپختونخوا جي توانائي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي قيادت جو اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وفاقي وزير توانائي اويس احمد لغاري، وفاقي وزير پيٽروليم ۽ چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا شرڪت ڪئي.اجلاس دوران گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبي ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جو مسئلو اٿاريندي عوام کي بجلي جي فراهمي ۾ رليف ڏيڻ لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کڻڻ تي زور ڏنو.نئين نظام تحت سڄي فيڊر بدران انفرادي ٽرانسفارمرن جي سطح تي لوڊ مئنيجمينٽ ڪئي ويندي، جنهن سان بجلي جا بل باقاعدگي سان ادا ڪندڙ صارفين کي لوڊشيڊنگ ۾ رليف ملي سگهندو.اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي توانائي مسئلن جي حل ۽ عوام کي فوري رليف ڏيڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو.










