اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت سرڪاري ملازمتن ۾ ڀرتي کان اڳ اميدوارن جي ڪردار ۽ ماضيءَ جي ڪيسن جي جاچ لاءِ 6 اهم اصول مقرر ڪري ڇڏيا آهن.عدالت قرار ڏنو آهي ته رڳو ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ڪنهن به اميدوار کي سرڪاري ملازمت لاءِ پاڻمرادو نااهل قرار ڏيڻ جو بنياد نٿو بڻجي سگهي.چيف جسٽس امين الدين خان پوليس ۾ ڊرائيور ڪانسٽيبل جي ڀرتيءَ بابت ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت بري ٿيڻ باوجود اميدوار کي ڀرتيءَ لاءِ نااهل قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ملتان بئنچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو ته عدالتي بريت کي تسليم ڪيو ويندو ۽ اميدوار جي پس منظر توڙي اهليت جو غيرجانبداراڻو جائزو ورتو ويندو. ڪردار بابت ناڪاري رپورٽ اندازن بدران مستند ۽ تصديق جوڳن شاهدن تي ٻڌل هجڻ گهرجي.فيصلي موجب بريت کانپوءِ اڳوڻي ڪيس کي پوليس ڪردار سرٽيفڪيٽ ۾ ناڪاري انداز سان ظاهر نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته هلندڙ ڪيسن جو ذڪر رڳو انهن جي زيرِ التوا هجڻ جي حيثيت تائين محدود رکيو ويندو.عدالت وڌيڪ چيو ته ڪنهن به اميدوار کي ٻڌڻيءَ جو موقعو ڏيڻ ۽ معقول سبب ڄاڻائڻ کانسواءِ عام طور تي ڀرتيءَ کان خارج نٿو ڪري سگهجي. ڀرتيءَ جا فيصلا قانوني معيار، ميرٽ، انصاف ۽ برابريءَ جي آئيني اصولن موجب ٿيڻ گهرجن.وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو ته بريت کانپوءِ انتظاميا رڳو شڪ جي بنياد تي ڪو فيصلو نٿي ڪري سگهي. ايف آءِ آر جو داخل ٿيڻ نه ڏوهه جو ثبوت آهي ۽ نه ئي ان مان ڏوهه جو مفروضو قائم ڪري سگهجي ٿو.عدالت درخواستگذار عبداللطيف جي اميدواري بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن ڊرائيور ڪانسٽيبل جي ميرٽ لسٽ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي هئي. فيصلي موجب لاڳاپيل اختيارين کي 30 ڏينهن اندر طبي معائنو ۽ ٻيون قانوني ڪارروائيون مڪمل ڪري مقرريءَ جو آرڊر جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.درخواستگذار کي 2018ع ۾ هڪ ڪيس مان بري ڪيو ويو هو ۽ وٽس صاف پوليس ڪردار سرٽيفڪيٽ پڻ موجود هو، تنهن هوندي به پوليس کاتي کيس ڀرتي ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.عدالت قرار ڏنو ته ڊي جي خان پوليس جي جاري ڪيل ڪردار سرٽيفڪيٽ کي ڪنهن به ٺوس سبب کانسواءِ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. کاتي جو اهو عمل قانوني بدنيتي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي زمري ۾ اچي ٿو.لکت واري فيصلي ۾ سورت الحجرات، سورت النساء ۽ سورت المائده جي قرآني آيتن جا حوالا ڏيندي چيو ويو ته اسلامي حڪمن موجب ڪنهن به ناڪاري قدم جو بنياد تصديق ٿيل حقيقتون هجڻ گهرجن، رڳو شڪ نه.










