بمبئي (ويب ڊيسڪ) بمبئي هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته اداڪارا ديا مرزا جي برهن ممبئي ميونسپل ڪارپوريشن جي ماحول دوست ڏياري مهم لاءِ تيار ڪيل وڊيو سوشل ميڊيا تان هٽائڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ ملڪ جي سيڪيولر روح جي ابتڙ آهي. جسٽس جي ايس ڪلڪرني ۽ جسٽس ڊاڪٽر نيلا گوکلي تي ٻڌل ڊويزن بئنچ چيو ته ڪنهن به شخص کي ڪنهن به تهوار جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪي نٿو سگهجي ۽ ماحولياتي تحفظ جي قدمن کي فرقيواراڻو رنگ نه ڏيڻ گهرجي. عدالت وڌيڪ چيو ته هڪ يا ٻن ماڻهن جي انفرادي خيالن سبب تڪرار پيدا ٿيو، پر اداڪارا جي پيغام کي مختلف رنگ ڏيڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. عدالت جا اهي ريمارڪس ان وقت سامهون آيا، جڏهن ڀارتيه جنتا پارٽي جي هڪ اڳواڻ جي اعتراضن ۽ ممبئي جي ميئر ريتو تاوڙي پاران اداڪارا کي هندو مخالف قرار ڏيڻ کانپوءِ شهري اداري سندس وڊيو سوشل ميڊيا تان چونڊيل انداز ۾ هٽائي ڇڏي هئي. جڏهن ته ديا مرزا چيو هو ته فضائي آلودگي گهٽائڻ جي ڪوششن جي آجيان ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو عوامي صحت جو معاملو آهي. عدالت چيو ته ڪالهه جيڪو ڪجهه رپورٽ ٿيو، اهو انتهائي افسوسناڪ آهي. هن معاملي تي گهري ڏک جو اظهار ڪريون ٿا، خاص طور تي ان ڪري جو اهو عدالت جي جاري ڪيل حڪم سان لاڳاپيل آهي. بئنچ وڌيڪ چيو ته اسان ميونسپل ڪارپوريشن جي سمورن عملدارن جو احترام ڪريون ٿا، پر ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي اسان خوش ناهيون. بي ايم سي شهر ۾ وڌندڙ فضائي آلودگيءَ کي نظر ۾ رکندي هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي شهرين کي اپيل ڪئي هئي ته اهي پٽاخا ڦاڙڻ کان پاسو ڪن ۽ ماحول دوست طريقي سان ڏياري ملهائين. ان مهم لاءِ شهري اداري ديا مرزا سميت ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. بهرحال، آچر تي بي جي پي ممبئي جي سربراهه اشوني ڀيڊي جي ان بيان کان ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي وڊيو سوشل ميڊيا تان هٽائي وئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته اسان کي ديا مرزا کان ڏياري ملهائڻ جو طريقو سکڻ جي ضرورت ناهي. سومر تي ممبئي جي ميئر ديا مرزا تي الزام لڳايو ته هوءَ هميشه ورهاست پيدا ڪندڙ قوتن جو ساٿ ڏيندي رهي آهي. هن نيٽ امتحان واري معاملي تي مودي کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو. ٻئي طرف مهاراشٽر جي وڏي وزير ديوندر فڊنويز اڱاري تي هن تڪرار کي هڪ ننڍڙو معاملو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته منهنجي خيال ۾ هاءِ ڪورٽ اسان خلاف ڪي سخت ريمارڪس نه ڏنا آهن. اهو معاملو سوشل ميڊيا هلائيندڙن وچ ۾ آهي. وڊيو هٽائڻ تي مخالف ڌر جي پارٽين سخت ردعمل ظاهر ڪيو، جڏهن ته بي جي پي الزام لڳايو ته هندو تهوارن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هوڏانهن شيو سينا اڳواڻ آدتيه ٺاڪري وڊيو هٽائڻ تي بي ايم سي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته مون کي ڀارت جو اهڙو شهر ڏيکاريو، جيڪو گذريل ڏهاڪي دوران بي جي پي جي انتظام هيٺ ترقي ڪري سگهيو هجي. حقيقت اها آهي ته اهي ڪنهن به سطح تي حڪومت نٿا هلائي سگهن. ممبئي ڪانگريس جي صدر ورشا گائڪواڊ بي جي پي تي ڄاڻي واڻي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۽ معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ جو الزام لڳايو. بي جي پي جي وزير نتيس راني الزام لڳايو ته ماحولياتي تحفظ جي نالي تي هندو تهوارن کي چونڊيل انداز ۾ نشانو بڻايو پيو وڃي. ديا مرزا ڏياري بابت ٽوئيٽ ڪيو، پر عيد، محرم يا بقرعيد جي موقعي تي هوءَ ڪڏهن به ٽوئيٽ نٿي ڪري.










