وڏو وزير ۽ اسپيڪر گم آھن، ڇڪتاڻ وڌڻ نه گھرجي: بئريسٽر گوھر

وڏو وزير ۽ اسپيڪر گم آھن، ڇڪتاڻ وڌڻ نه گھرجي: بئريسٽر گوھر

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته وڏي وزير ۽ اسپيڪر جو گم هجڻ عجيب ڳالهه آهي، سياسي ڇڪتاڻ وڌيڪ نه وڌڻ گهرجي، مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي.پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته خوشي آهي ته عدالت معاملو چيف جسٽس ڏانهن وڏي بئنچ جوڙڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو آهي. اهڙا فيصلا ٿيڻ گهرجن، جيڪي سڀني لاءِ هڪجهڙا هجن. هن چيو ته اسان جو رڳو ملاقات ۽ علاج جو مطالبو هو، پر عدالتي فيصلي تي به عمل نه ڪيو ويو. سياسي انتقام جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ۽ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن سميت باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن کي آزاد ڪيو وڃي. بئريسٽر گوهر موجب، گذريل ڏينهن وڪيل سلمان صفدر جي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ٿي، جنهن دوران ڪيسن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. جيڪڏهن اها ملاقات اڳ ۾ ٿي وڃي ها ته صورتحال ايتري خراب نه ٿئي ها. هن بئريسٽر سيف جي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته کيس اميد نه هئي ته هو اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندو. پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪڏهن ملاقات جي آڇ ڪئي وئي؟ اسان اڄ به ملاقات جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ڳالهين لاءِ سنجيدگي ۽ نيڪ نيتي ضروري آهي، اسان ڪڏهن به ڳالهين جي مخالفت ناهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو