انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي ايم ڪيو ايم کي شوڪاز نوٽيس

انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي ايم ڪيو ايم کي شوڪاز نوٽيس

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي متحده قومي موومينٽ پاڪستان(ايم ڪيو ايم) کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 14 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.اليڪشن ڪميشن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، پارٽي کي انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ مقرر واڌ واري مدي 15 آڪٽوبر 2026 تائين جو ٽائيم ڏنو ويو هو پر انهي دوران به چونڊون نه ڪرايون ويون.اليڪشن ڪميشن پنهنجي نوٽيس ۾ واضح ڪيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ 2017 جي تحت انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي، جڏهن ته انٽرا پارٽي چونڊن کان پوءِ ست ڏينهن ۾ چونڊ سرٽيفڪيٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ به ضروري آهي.اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم پاڪستان کي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ جي لاءِ 14 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي، جواب نه ملڻ تي اليڪشن ڪميشن قانون موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪندو. نوٽيس موجب انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي ايم ڪيو ايم پاڪستان چونڊ نشان حاصل ڪرڻ جي اهليت کان محروم ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن 26 آڪٽوبر 2026 تي ايم ڪيو ايم پاڪستان کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو