بلوچستان ۾ ڪارروايون، 17 دهشتگرد مارجي ويا، جوان شهيد

بلوچستان ۾ ڪارروايون، 17 دهشتگرد مارجي ويا، جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعن ڪڇي ۽ خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻن انٽيليجنس بيسڊ ڪاررواين دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم 17 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو سپاهي حڪمت الله بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ٻنهي ضلعن ۾ الڳ الڳ ڪارروايون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ضلعي ڪڇي جي علائقي سني ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن پاران روڊ تي ناڪابندي ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ڪارروائي دوران ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان موجب، ضلعي خاران ۾ هڪ ٻي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي تباهه ڪيو ويو. شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، شديد فائرنگ دوران سپاهي حڪمت الله بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي. علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن.

وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ 17 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا

(ڪاوش نيوز) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعن ڪڇي ۽ خاران ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪاررواين کي ساراهيو آهي. وزيراعظم انهن آپريشنز دوران 17 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. شهباز شريف ضلعي خاران ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي دوران جامِ شهادت نوش ڪندڙ پاڪ فوج جي سپاهي حڪمت الله کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيد جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم شهيد جي وارثن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار به ڪيو. شهباز شريف جو چوڻ هو ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ خلاف نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ مان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

محسن نقوي پاران 17 ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.وفاقي گهرو وزير دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشوراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم 17 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريان ٿو. محسن نقوي دهشتگردن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي جامِ شهادت نوش ڪندڙ سپاهي حڪمت الله کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته سپاهي حڪمت الله وطن خاطر جان قربان ڪري هڪ اعليٰ مثال قائم ڪئي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان قوم جو فخر ۽ قيمتي سرمايو آهن. وفاقي گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن ۽ قوم دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو