مريم نواز جو چوڌري سالڪ کي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلڻ جو اعلان

مريم نواز جو چوڌري سالڪ کي هرجاڻي جو نوٽيس موڪلڻ جو اعلان

اٽڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز وفاقي وزير چوڌري سالڪ کي هرجاڻي جو قانوني نوٽيس موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اٽڪ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته چوڌري سالڪ وٽ الزام جا ثبوت آهن ته اهي سامهون آڻي، ٻي صورت ۾ کيس عدالت ۾ گهليو ويندو. هن چيو ته وفاقي وزير هجڻ باوجود بنا ثبوت الزام نه لڳايا وڃن، هوءَ چوڌري سالڪ کي هرجاڻي جو نوٽيس موڪليندي. مريم نواز چيو ته چوڌري سالڪ جو چوڻ آهي ته پرويز الاهيءَ جي حڪومت سڀ کان بهترين هئي، پر جڏهن هوءَ برسات دوران گجرات وئي ته اتي ايترو پاڻي بيٺل هو جو سندس گاڏي به ٻڏي وئي. وزيراعليٰ پنجاب وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت ايتري ڪرپٽ آهي ته پوءِ چوڌري سالڪ وفاقي وزير بڻجي ڇو ويٺا آهن؟ هن دعويٰ ڪئي ته هوءَ ڪنهن جي به سفارش نٿي مڃي ۽ پنجاب ۾ آفيسرن جون مقرريون ميرٽ جي بنياد تي ڪندي آهي. مريم نواز جو چوڻ هو ته سفارش تي مقرر ٿيندڙ ماڻهو ملڪ ۽ عوام جو نقصان ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو