اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف ٽيڪس روينيو ۾ گهٽتائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شارٽ فال پورو ڪرڻ جي لاءِ هنگامي ٽيڪس قدمن جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب عالمي مالياتي اداري آڪٽوبر ۾ 129 ارب روپيه ۽ 4 مهينن جي دوران 96 روپين جي ٽيڪس شارٽ فال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. آءِ ايم ايف 15 هزار 264 ارب روپين جي سالياني ٽيڪس وصولي جو حدف پورو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. جڏهن ته موجوده ٽيڪس حدفن کي اڻپورو قرار ڏيندي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٽيڪس شارٽ فال ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ته عوام تي نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ يا سرڪاري خرچن ۾ ڪٽوتي جو آپشن غور هيٺ اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن اقتصادي جائزن ۾ ٽيڪس وصولي بابت شرطون وڌيڪ سخت ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته حدف پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ هنگامي ٽيڪس قدمن تي ڳالهيون ٿينديون.ذريعن موجب وفاقي ۽ صوبائي سطح تي جنرل سيلز ٽيڪس جي مد ۾ محاصل وڌائڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي لاءِ روينيو بابت شرطون وڌيڪ سخت ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته نئين بجيٽ کان اڳ ريٽيل، هول سيل ۽ زرعي شعبي کان ٽيڪس وصولي ۾ اڳڀرائي جي تجويز ڏني وئي آهي.آءِ ايم ايف پروفيشنلز سميت ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر سمورن شعبن کي ٽيڪس دائري ۾ آڻڻ تي به زور ڏنو آهي. ذريعن موجب 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام جي تحت طئي ٿيل شرطون پوريون ڪرڻ لازمي آهي.










