سڄي دنيا جي ويب سائيٽن ۾ فني خامين بابت عالمي الرٽ جاري

سڄي دنيا جي ويب سائيٽن ۾ فني خامين بابت عالمي الرٽ جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سڄي دنيا جي ويب سائيٽن ۾ فني خامين جي نشاندهي بعد آمريڪا سميت اڪثر ملڪن ۽ ڪمپنين ويب سائيٽون بند ڪري ڇڏيون. انٽرنيٽ جي بنيادي ٽيڪنالاجيءَ ۾ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي تائين موجود سنگين خامين جي نشاندهي مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي مدد سان ٿي آهي. جنهن کان پوءِ سڄي دنيا ۾ سائبر سيڪيورٽي بابت هنگامي خبرداري جاري ڪئي وئي.
اهي خاميون پي ايڇ پي (PHP) نالي پروگرامنگ ٻوليءَ ۾ آهن، جيڪا 2000ع واري ڏهاڪي کان سڄي دنيا ۾ ويب سائيٽون ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندي رهي آهي.
اربع ڏينهن انهن خامين جي نشاندهي ٿيڻ کان پوءِ دنيا جون حڪومتون ۽ سائبر سيڪيورٽي جا ادارا انهن جي اثرن کي محدود ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي رهيا آهن. انهن ويب سائيٽن جي انتظام ڪندڙن کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور نئون حفاظتي پيچ (سافٽ ويئر جي خامي دور ڪرڻ وارو اپڊيٽ) انسٽال ڪن، يا ضرورت پوڻ تي پنهنجي ويب سائيٽن کي عارضي طور بند ڪرڻ تي غور ڪن.
سائبر سيڪيورٽي ڪمپني وِز (Wiz)، جنهن جي محققن انهن خامين جي نشاندهي ڪئي، انهن کي مصنوعي ذهانت جي مدد سان اڄ تائين سامهون آيل ”سڀ کان وڌيڪ سنگين“ خاميون قرار ڏنو آهي.
جنهن ڪمپني جي ٽيڪنالاجي انهن خامين کي ڳولڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي، ان اوپن اي آءِ (OpenAI) ان دريافت کي تازن سالن ۾ سامهون آيل سيڪيورٽي مسئلن مان ”سڀ کان وڌيڪ اثرائتو“ قرار ڏنو آهي.
خامي ڪهڙي آهي؟
گهڻن ماڻهن شايد پي ايڇ پي جو نالو نه ٻڌو هجي، پر هو روزانو اهڙين ويب سائيٽن کي استعمال ڪندا آهن، جيڪي ان ٽيڪنالاجيءَ تي هلن ٿيون.
پي ايڇ پي جو پورو نالو ”پي ايڇ پي: هائپر ٽيڪسٽ پري پروسيسر“ آهي. اها ٽيڪنالاجي ڪيترن ئي پليٽ فارمن کي هلائڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي، جن ۾ آن لائين دڪان، وڪيپيڊيا ۽ ورڊپريس شامل آهن. ورڊپريس هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن ذريعي بلاگن سميت ڪيتريون ئي ويب سائيٽون ٺاهيون ۽ هلايون وڃن ٿيون.
گوريلا سائبر سيڪيورٽي جي سربراهه پال اسپين بي بي سي کي ٻڌايو ته جڏهن ڪو ماڻهو وڪيپيڊيا جهڙي ويب سائيٽ کولي ٿو ته پي ايڇ پي اهو ڪوڊ آهي، جيڪو گهربل معلومات گڏ ڪري ان کي اهڙي صورت ۾ پيش ڪري ٿو، جو ماڻهو ان کي ويب سائيٽ تي پڙهي سگهي.
پر هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ موجود هڪ خامي سبب حملي آور بنا ڪنهن اجازت يا سڃاڻپ جي متاثر سرورن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ۽ حساس ڊيٽا چوري ڪري سگهيا ٿي. نتيجي ۾ پي ايڇ پي تي ٺاهيل ويب سائيٽون خطري ۾ اچي ويون.
پال اسپين موجب مصنوعي ذهانت اهڙن حملن کي وڌيڪ آسان ۽ تيز بڻائي سگهي ٿي. سندس اندازي موجب، هن خاميءَ سبب ”لکين ۽ لکين“ ويب سائيٽون متاثر ٿي سگهن ٿيون.
يونيورسٽي آف ايڊيليڊ جي سائبر سيڪيورٽي محقق جِل سلي چيو ته جيڪڏهن هيڪرز يا ملڪ هن خاميءَ کي سائبر هٿيار طور استعمال ڪري ويب سائيٽن مان خانگي معلومات حاصل ڪن ٿا ته ان جا تباهه ڪندڙ نتيجا نڪري سگهن ٿا.
ڪهڙيون ويب سائيٽون متاثر ٿيون آهن؟
هن خبرداري سبب سڄي دنيا ۾ مختلف آن لائين خدمتون متاثر ٿيون آهن، جن ۾ راندين جا پليٽ فارم، سرڪاري ويب سائيٽون ۽ آن لائين فورم شامل آهن.
انهن ۾ وڪيميڊيا به شامل آهي، جيڪا آن لائين انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا جي انتظامي ذميواري سنڀالي ٿي. ان اداري احتياطي طور پنهنجا ڪيترائي نظام عارضي طور بند ڪري ڇڏيا.
فن لينڊ جي حڪومت، ايڊنبرا جي مقامي ڪائونسل ۽ بي بي سي جون ڪجهه ويب سائيٽون ۽ صفحا به عارضي طور آف لائين ڪيا ويا آهن. هالينڊ جي سائبر سيڪيورٽي اداري پڻ پنهنجي ويب سائيٽ بند ڪري ڇڏي آهي.
اسڪاٽ لينڊ جي ڪيترن ئي سرڪاري ادارن، جن ۾ مقامي ڪائونسلون ۽ صحت جا ادارا شامل آهن، پنهنجون ويب سائيٽون عارضي طور بند ڪري ڇڏيون آهن.
ڪجهه ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هن خاميءَ سبب اهي ويب سائيٽون وڌيڪ خطري ۾ آهن، جن جي سار سنڀال مناسب نموني نٿي ڪئي وڃي. خاص طور ننڍا ادارا، جن وٽ سائبر سيڪيورٽي لاءِ محدود وسيلا آهن، وڌيڪ متاثر ٿي سگهن ٿا.
يونيورسٽي آف نيو سائوٿ ويلز، سڊني جي سائبر سيڪيورٽي محقق سليل ڪنهيڙي چيو ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ انهن خامين مان فائدو وٺڻ جون وڌيڪ ڪوششون ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن بابت فني تفصيل عوام آڏو اچي رهيا آهن.
خاميون ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ڇا ٿيو؟
اربع ڏينهن پي ايڇ پي پليٽ فارم جي ڊولپرن ڪيترن سالن کان سافٽ ويئر ۾ موجود انهن خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ حفاظتي اپڊيٽ جاري ڪيا.
ڪمپني چيو ته ”پي ايڇ پي استعمال ڪندڙن کي سختيءَ سان صلاح ڏجي ٿي ته اهي فوري طور پنهنجو سافٽ ويئر اپڊيٽ ڪن.“
دنيا جي مختلف ملڪن جي اختيارين ۽ سائبر سيڪيورٽي ادارن به ويب سائيٽن جي منتظمين کي پنهنجا نظام محفوظ بڻائڻ لاءِ اهڙيون ئي هدايتون جاري ڪيون آهن.
آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي انهن سمورن ادارن کي چيو آهي، جيڪي پي ايڇ پي استعمال ڪن ٿا، ته جيڪڏهن اهي فوري طور حفاظتي اپڊيٽ نٿا ڪري سگهن ته پنهنجا نظام عارضي طور بند ڪن. ايجنسي خبردار ڪيو ته هي خامي ڪنهن نظام جي ڊيٽابيس تائين پهچڻ ۽ ان جو ناجائز استعمال ڪرڻ لاءِ ”سڌو رستو“ فراهم ڪري سگهي ٿي.
ايجنسي چيو ته ”اهي خطرا ايترا سنگين آهن، جو آمريڪي حڪومت جي سڀني کاتن ۽ ادارن ۾ فوري طور حفاظتي اپڊيٽ ڪرڻ ضروري آهي.“
برطانيا جي نيشنل سائبر سيڪيورٽي سينٽر پڻ اهڙي ئي صلاح ڏني ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي جاچ ڪن ته ڪنهن حملي آور سندن نظام ۾ لڪل رسائيءَ جا رستا ته نصب ناهن ڪيا.
يورپي يونين، سنگاپور ۽ آسٽريليا جي لاڳاپيل ادارن پڻ اهڙيون خبرداريون جاري ڪيون آهن.
جاپان جي وزيراعظم سانائي تاڪائچي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي چيڪ ڪن ته سندن عوام لاءِ کليل ويب سائيٽون پي ايڇ پي تي ته نٿيون هلن.
هن ايڪس تي لکيو ته ”اسان سڀني کان تڪڙي درخواست ڪريون ٿا ته اڄ رات ئي ضروري قدم کڻو.“
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حفاظتي پيچ فوري طور لاڳو ڪرڻ ڏکيو هجي ته ويب سائيٽ کي عارضي طور بند ڪرڻ يا اهڙا ٻيا قدم کڻڻ خطري کي گهٽائڻ جو اثرائتو طريقو ٿي سگهي ٿو.
ٽيڪنالاجي ڪمپنيون به پنهنجا نظام محفوظ بڻائڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيون آهن.
آن لائين واپار جي وڏي ڪمپني ايمازون چيو آهي ته پي ايڇ پي جي خامين بابت عوامي طور اعلان ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ان تي ڪيترائي حملا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون. اڃا تائين اهو معلوم ناهي ٿي سگهيو ته امڪاني حملي آورن کي انهن خامين جي اڳواٽ ڄاڻ ڪيئن ملي.
مصنوعي ذهانت خاميون ڪيئن ڳولي رهي آهي؟
اهي خاميون سائبر سيڪيورٽي ڪمپنين ڪيلف (Calif) ۽ وِز جي محققن ڳوليون.
محققن جديد مصنوعي ذهانت وارا اوزار استعمال ڪيا، جيڪي سافٽ ويئر جو ڪوڊ پڙهي ۽ ان جو تجزيو ڪري خاميون انسانن يا پراڻن نظامن جي ڀيٽ ۾ گهڻي تيزيءَ سان ڳولي سگهن ٿا.
سليل ڪنهيڙي چيو ته جديد سافٽ ويئر انتهائي پيچيده آهي ۽ ان ۾ ڪجهه خاميون سالن تائين نظرن کان لڪل رهي سگهن ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته ”بنيادي غلطيون نيون نه هيون؛ تبديلي رڳو اها آئي آهي ته هاڻي اسان وٽ انهن کي ڳولڻ جي صلاحيت وڌي وئي آهي.“
هن هفتي انهن خامين جي دريافت بابت تفصيل انٽرنيٽ تي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ پي ايڇ پي پليٽ فارم جي ڊولپرن کي تڪڙ ۾ سيڪيورٽي خامي ۽ ان جي وڏي پيماني بابت اعلان ڪرڻو پيو.
اوپن اي آءِ پنهنجي بلاگ ۾ چيو ته هي واقعو ظاهر ڪري ٿو ته مصنوعي ذهانت ڪيئن سيڪيورٽي خاميون ڳولي سگهي ٿي، پر ساڳئي وقت اها حملي آورن کي نقصان پهچائڻ وارا اوزار ۽ سائبر حملا تيار ڪرڻ ۾ به تيزيءَ سان مدد ڏئي سگهي ٿي.
چيٽ جي پي ٽي ٺاهيندڙ ڪمپني چيو ته هن هڪ اهڙو پروگرام پڻ جاري ڪيو آهي، جيڪو پي ايڇ پي پليٽ فارم جي سيڪيورٽي جانچڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
يونيورسٽي آف ڪوئنزلينڊ جي سائبر ريسرچ سينٽر جي ريان ڪو چيو ته ”انهن مان ڪيتريون ئي خاميون ان طريقي سان پيدا ٿيون، جنهن تحت ماضيءَ ۾ سافٽ ويئر ٺاهيا ويندا هئا. ان وقت سافٽ ويئر جي ڪارڪردگيءَ تي ڌيان ڏنو ويندو هو، پر سيڪيورٽي کي بنيادي اهميت نه ڏني ويندي هئي.“
ماڻهو پاڻ کي ڪيئن محفوظ رکن؟
ويب سائيٽن جي مالڪن کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته اهي پي ايڇ پي جو جديد ترين نسخو انسٽال ڪري پنهنجون ويب سائيٽون محفوظ بڻائين.
پال اسپين موجب، اڪثر ٽيڪنالاجي ٽيمن لاءِ پي ايڇ پي جو حفاظتي پيچ انسٽال ڪرڻ هڪ معمولي ۽ مختصر ڪم آهي.
آمريڪا جي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي ايندڙ ڪجهه هفتن دوران وڌيڪ خبردار رهڻ ۽ سافٽ ويئر ٺاهيندڙ ڪمپنين پاران جاري ٿيندڙ اپڊيٽس تي ويجهي نظر رکڻ جي صلاح ڏني آهي.
ايجنسي چيو ته ”انهن نظامن سان لاڳاپيل حفاظتي اپڊيٽس لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت نه ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.“
سليل ڪنهيڙي موجب، بنيادي ذميواري ويب سائيٽن جي منتظمين تي آهي، پر عام استعمال ڪندڙن کي به متاثر ٿيل خدمتن پاران جاري ڪيل حفاظتي هدايتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، مثال طور جيڪڏهن کين پاسورڊ تبديل ڪرڻ لاءِ چيو وڃي.
هن ماڻهن کي خبردار ڪيو ته اهي هن واقعي جي خبرن کي استعمال ڪندي موڪليل جعلي پيغامن کان به محتاط رهن. اهڙن پيغامن ذريعي ماڻهن کي دوکي سان سندن پاسورڊ، ذاتي معلومات يا ٻيا ڳجها تفصيل ڏيڻ لاءِ ڦاسائي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو