نائڪ سيف علي شهيد جي 78هين ورسي، ڀيٽا پيش

نائڪ سيف علي شهيد جي 78هين ورسي، ڀيٽا پيش

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) هٿياربند فوجن پاران نائڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي 78هين ورسيءَ جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب فيلڊ مارشل عاصم منير، پاڪ فضائيه ۽ بحريه جي سربراهن شهيد نائڪ سيف علي جنجوعه کي ڀيٽا پيش ڪئي. نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي ڪمانڊر جنرل سيد عامر رضا پڻ شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب 1948ع جي جنگ دوران نائڪ سيف علي جنجوعه شهيد بي مثال بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ پير ڪليوا جي اهم دفاعي چوٽيءَ جو بهادريءَ سان دفاع ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سخت حملن باوجود نائڪ سيف علي جنجوعه شهيد ثابت قدم رهيو. سندس قرباني پاڪ فوج جي بهادري ۽ ثابت قدميءَ جي علامت آهي، جيڪا ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه رهندي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان پنهنجي شهيدن جي قربانين جو هميشه قرضي رهندو ۽ انهن جون قربانيون مادرِ وطن جي دفاع ۽ خدمت لاءِ رستو روشن ڪنديون رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو