راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو آرمي چيف جنرل(ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ راولپنڊي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ پاڪ فوج جي سمورين رينڪس جنرل(ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جنرل(ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي شاندار عسڪري خدمتن ۽ قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. پاڪ فوج مرحوم عبدالوحيد ڪاڪڙ جي قومي، عسڪري خدمتن جو اعتراف ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو، رب پاڪ جنرل(ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.










