پهلوان ڳوٺ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم تي حملو

پهلوان ڳوٺ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم تي حملو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچيءَ جي علائقي پهلوان ڳوٺ ۾ ڪي ايم سي جي حددخلين خلاف آپريشن دوران مڇريل ماڻهن ٽيم تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ملازم زخمي ٿي پيا. سينيئر ڊائريڪٽر شير علي خان موجب مڇريل ماڻهن پٿراءُ ڪري حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم جي گاڏين جا شيشا پڻ ٽوڙي ڇڏيا. واقعي کانپوءِ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو