تهران (ويب ڊيسڪ)مڪا دفاعي معاهدي جي ميمبر ملڪن پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ جا اعليٰ عملدار اڄ ايراني قيادت سان اهم ملاقات ڪندا. سعودي عرب جي پبلڪ ڊپلوميسي جي نائب وزيرڊاڪٽر ريد ڪرملي ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ ٻڌايو آهي ته سعودي عرب جي دفاعي وزير شضهزادي خالد بن سلمان جي سربراهي ۾ وفد ايران جي صدر مسعود پزشڪيان ۽ قومي سلاميتي جي مشير محسن رضائي سان ملاقات ڪندو. وفد ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ترڪي جي انٽيليجنس اداري جو سربراهه ابراهيم ڪيلن اڄ تهران ۾ ايراني عملدارن سان ملاقات ڪندا. خبر ايجنسي موجب سعودي عرب تي حوثي حملن کانپوءِ ايران، سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيءَ وچ ۾ اعليٰ سطح تي هيءَ پهرين ملاقات هوندي. پاڪستان ۽ قطر جي ان ڏس ۾ ڪوششڻ کي ساراهيندي سعودي نائب وزير چيو ته معاملي جو سفارتي حل ڳوليو ويندو.










