قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ

قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ

قبو سعيد خان(ن س)ميرڻ ماڇي لڳ ڳوٺ پنھل خاصخيلي ۾ 22 ورهين جي عورت جو گولين لڳل لاش هٿ، وارثن جو ڏيرن تي قتل جو الزام هنيو ويو، قبو سعيد خان ٿاڻي جي حد ۾ ميرڻ ماڇي لڳ ڳوٺ پنھل خاصخيلي ۾ 22 ورهين جي بينظير زال ضمير علي خاصخيلي جو پنهنجي گهر مان پسٽل جون گوليون لڳل لاش هٿ آيو، جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.فوتڻ جي چاچي وزير علي ٽوٽاڻي، ڏاڏي خان محمد ٽوٽاڻي ۽ ماءُ ضميران ٽوٽاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته کين صبح جو اطلاع ڏنو ويو ته بينظير پاڻ تي فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي، پر سندن دعويٰ آهي ته ناري کي سندس ڏيرن قتل ڪيو آهي.ٻئي پاسي، فوتڻ جي سس چيو ته صبح تقريبن 9 وڳي اوچتو فائر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، اندر وڃي ڏٺوسين ته پسٽل هيٺ پيل هئي ۽ ناري فوت ٿي چڪي هئي.واقعي بابت ٻنهي ڌرين جا بيان مختلف آهن، جڏهن ته واقعي جو اصل ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ پوليس جاچ کانپوءِ معلوم ٿي سگهندو. جڏهن ته رورل هيلٿ سينٽر استال ۾ ايمبولينس نه هئڻ ڪري پوسٽ مارٽم کان پوء وارثن مڙه کي ڊاٽسن ۾ ڳوٺ کڻائي روانا ٿيا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو