هيري انگلينڊ جو پهريون ڊبل سينچري ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو

هيري انگلينڊ جو پهريون ڊبل سينچري ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو

راولپنڊي(ايڊيٽر ڊيسڪ) ٽه ملڪي ٽورنامينٽ ۾ انگلينڊ 50 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 429 رنز ٺاهيون. ڪپتان هيري بروڪ ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو ڊبل سينچري اسڪور ڪئي، اننگ جي آخري بال تي 202 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو.
ان کان اڳ انگلينڊ جو سڀ کان وڌيڪ انفرادي اسڪور نيوزيلينڊ خلاف بين اسٽوڪس جو 182 ناٽ آئوٽ هو.
هيري بروڪ ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ 114 بالن تي ڊبل سينچري اسڪور ڪري دنيا ۾ تيز ترين ڊبل سينچري اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ به قائم ڪيو، اڳ ۾ اهو رڪارڊ ڀارت جي شڀمن گل وٽ هو جنهن 116 بالن تي ڊبل سينچري ٺاهي هئي.
هيري بروڪ مجموعي طور 116 بال کيڏيا جن تي هن 10 ڇڪا ۽ 21 چوڪن جي مدد سان 202 رنز اسڪور ڪيون.
ون ڊي انٽرنيشنل (ODI) ڪرڪيٽ ۾ 200 يا ان کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ کي ڊبل سينچري چيو ويندو آهي. 22 آڪٽوبر 2026ع تائين مردن جي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾10 رانديگرن 13 ڀيرا ڊبل سينچري اسڪور ڪيون آهن. ڀارت جي روهِت شرما ۽ شُڀمَن گِل اهي ٻه رانديگر آهن، جن هڪ کان وڌيڪ ڊبل سينچريون ٺاهيون آهن.
ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 2010 ۾ سچن ٽنڊولڪر ڏکڻ آفريڪا خلاف 200 رنز ناٽ آئوٽ ٺاهيون هيون، جنهن بعد روهت شرما 3 ڀيرا، شڀمن گل 2 ڀيرا، وريندر سهواڳ، اشان ڪشن به ون ڊي ۾ ڊبل سينچريون ٺاهيون هيون.
نيوزيلينڊ جي مارٽن گپٽل، آسٽريليا جو گلين ميڪسويل، پاڪستان جو فخر الزمان، سريلنڪا جي پٿم نسانڪا، ويسٽ انڊيز جي ڪرس گيل به ڊبل سينچريز اسڪور ڪيون هيون.
ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ انفرادي اسڪور ٺاهيندڙ روهت شرما آهي جنهن 2014 ۾ سريلنڪا خلاف 264 رنسون ٺاهيون هيون.
مردن جي ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڏو ٽيم اسڪور انگلينڊ جو آهي، جنهن 2022ع ۾ هالينڊ خلاف 498 رنسون ٺاهيون هيون.
ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ 10 ڀيرا 400 کان مٿي اسڪور ٺهيو آهي جنهن ۾ انگلينڊ 3 ڀيرا وڏي ۾ وڏو اسڪور ٺاهيندڙ ٽيم آهي پر هيري بروڪ انگلينڊ جوپهريون رانديگر آهي جنهن ڊبل سينچري اسڪور ڪئي.
ڏکڻ آفريڪا به 4 ڀيرا 400 کان مٿي اسڪور ٺاهيندڙ ٽيم آهي، آسٽريليا 2 ڀيرا ۽ سريلنڪا هڪ ڀيرو 400 کان مٿي اسڪور ٺاهيندڙ ٽيمن ۾ شامل آهي. اڄ سريلناڪ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو ٻيو وڏ0 اسڪور چيز ڪري 430 رنز ٺاهي نئين تاريخ رقم ڪئي آهي.
انگلينڊ 30 آگسٽ 2016 تي ناٽنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان خلاف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 444 رنز ٺاهيون هيون ۽ پاڪستان کي 169 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو