اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر

اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) سومر ڏينهن پاليسي ريٽ ۾ 50 بيسز پوائنٽس واڌ ڪري ان کي 12 سيڪڙو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته زري پاليسي ڪميٽي (ايم پي سي) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيپٽمبر ۾ ٿيل گذريل اجلاس کان پوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
هن چيو ته پاليسي ريٽ وڌائڻ جي فيصلي پٺيان ڪيترائي بنيادي سبب آهن، جن ۾ خاص طور مهانگائي بابت اڳڪٿيون شامل آهن. هن ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ، توانائي ۽ تيل جي قيمتن تي ان جي اثرن، ملڪي منڊي ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ انهن جي نتيجي ۾ مهانگائي تي پوندڙ اثرن جو ذڪر ڪيو.
گورنر ٻڌايو ته زري پاليسي ڪميٽي جي ڏهن مان نون ميمبرن پاليسي ريٽ وڌائڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته هڪ ميمبر جو مختلف موقف هو. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ميمبرن جي راءِ هئي ته شرح ۾ اڃا وڌيڪ واڌ ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته فيصلي دوران صارفين جي اميدن، ٻين معاشي ماهرن جي اڳڪٿين ۽ ٻين اهم معاشي عنصرن کي به نظر ۾ رکيو ويو. انهن ۾ عالمي شين ۽ تيل جي قيمتن جا ملڪ جي ٻاهرين ادائيگين واري کاتي تي اثر، ٻاهرين ملڪن مان موڪليل ناڻي ۽ برآمدات جي رجحانن جو جائزو پڻ شامل هو.
ٽاپ لائن سيڪيورٽيز چيو ته مرڪزي بئنڪ پاليسي ريٽ ۾ واڌ ڪري، سندس اميدن مطابق قدم کنيو آهي.
ان کان اڳ پاليسي ريٽ 11.5 سيڪڙو هو. مرڪزي بئنڪ اپريل ۾ عالمي توانائي جي وڌندڙ قيمتن ۽ رسد جي خطرن سبب 100 بيسز پوائنٽس واڌ ڪرڻ کان پوءِ شرح ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي هئي. لڳ ڀڳ ٽن سالن دوران اها پهرين واڌ هئي.
مهانگائي ۾ ڪيترن ڏهاڪن جي بلند ترين سطح کان تيزيءَ سان گهٽتائي اچڻ کان پوءِ، اسٽيٽ بئنڪ 2024ع جي وچ کان وٺي پاليسي ريٽ ۾ مجموعي طور 1,050 بيسز پوائنٽس گهٽتائي ڪئي هئي. جون 2023ع ۾ اها شرح رڪارڊ 22 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو