عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)عالمي مارڪيٽ ۾ اڄ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گذريل هفتي تيل جا اگهه لڳ ڀڳ ڇهن مهينن جي بلند ترين سطح جي ويجهو پهچي ويا هئا.خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز موجب آمريڪي ڪچي تيل جي قيمت ۾ هڪ ڊالر 60 سينٽ گهٽتائي کانپوءِ في بيرل اگهه 101 ڊالر 67 سينٽ ٿي ويو. برطانوي ڪچي تيل برينٽ جي قيمت پڻ هڪ ڊالر 56 سينٽ گهٽجڻ کانپوءِ 115 ڊالر 16 سينٽ في بيرل تي اچي وئي. گذريل هفتي سعودي عرب ۾ حوثي حملن سبب توانائيءَ جي فراهمي متاثر ٿيڻ جي خدشن تي ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي هئي. جمعي ڏينهن آمريڪي ۽ برطانوي ڪچي تيل جا اگهه لڳ ڀڳ 3 ڊالر واڌ سان ڪاروبار جي پڄاڻيءَ تي بلند سطح تي بند ٿيا هئا. گذريل هفتي برينٽ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 6 سيڪڙو، جڏهن ته آمريڪي ڪچي تيل جي اگهه ۾ 2.3 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو