مليحه علي جي ايم ايم اي چيمپيئن شپ ۾ وڏي ڪاميابي

مليحه علي جي ايم ايم اي چيمپيئن شپ ۾ وڏي ڪاميابي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مڪسڊ مارشل آرٽس (ايم ايم اي) فائٽر مليحه علي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي حاصل ڪندي روس جي مشهور فائٽر ويرونيڪا ڊروزڊووا کي شڪست ڏئي ڇڏي. جارجيا جي شهر تبليسي ۾ ٿيل آءِ ايم ايم اي ايف ورلڊ چيمپيئن شپ ۾ مليحه علي بهترين راند جو مظاهرو ڪندي روسي حريف خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي. مليحه علي مقابلي دوران شاندار اسٽرائيڪنگ ۽ غيرمعمولي فني مهارت جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته مخالف خلاف اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪندي پنهنجي برتري برقرار رکي. پاڪستاني فائٽر ڪيج ۾ بهترين ڪنٽرول ۽ مضبوط دفاعي صلاحيتن جو پڻ مظاهرو ڪيو، جنهن سبب هوءَ روسي حريف تي حاوي رهي. ويرونيڪا ڊروزڊووا جو شمار روس جي اڀرندڙ مضبوط ايم ايم اي فائٽرز ۾ ٿئي ٿو، جيڪا ٻه ڀيرا يورپي چيمپيئن پڻ رهي چڪي آهي. عالمي چيمپيئن شپ ۾ اهڙي تجربيڪار روسي فائٽر کي شڪست ڏيڻ مليحه علي لاءِ اهم ڪاميابي قرار ڏني پئي وڃي.مليحه علي جي هن ڪاميابيءَ عالمي سطح تي پاڪستان جي ايم ايم اي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو