اسلام آباد(ايڊيٽر ڊيسڪ) 23 مارچ 1937ع تي پشاور ۾ جنم وٺندڙ جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ، جيڪو 1993ع کان 1996ع تائين پاڪستاني فوج جو سربراهه رهيو، سومر 26 آڪٽوبر جي صبح 89 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
عبدالوحيد ڪاڪڙ جو تعلق پشتو ڳالهائيندڙ وڏن قبيلن مان هڪ ڪاڪڙ قبيلي سان هو، جنهن جي اڪثريت بلوچستان ۽ افغانستان جي علائقن ۾ آباد آهي.
عبدالوحيد ڪاڪڙ ڪافي عرصي کان راولپنڊي ۾ پنهنجي گهر ۾ بيماري جي بستري تي هو. هن سوڳوارن ۾ زال، هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ڇڏي آهي.
اڳوڻي سفارتڪار ۽ صحافي مليحا لوڌي پنهنجي ڪتاب پاڪستانز انڪائونٽر وِد ڊيموڪريسي ۾ لکيو آهي ته عبدالوحيد ڪاڪڙ پشاور جي ايڊورڊ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي ۽ 1959ع ۾ فرنٽيئر فورس رجمنٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. هو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج، ڪئناڊا ۽ نيشنل ڊفينس ڪاليج ۾ پڻ پڙهيو.
مليحا لوڌي موجب، جنرل وحيد پاڪستان تحريڪ جي ڪارڪن سردار عبدالرب نشتر جو ڀائٽيو هو ۽ ان ڪري سندس تعلق صوبي سرحد، جيڪو هاڻي خيبر پختونخواهه سڏجي ٿو، جي هڪ اهم سياسي خاندان سان هو.
سندس ساٿي آفيسرن جنرل وحيد کي اڳوڻي آرمي چيف جنرل آصف نواز وانگر هڪ غير سياسي فوجي آفيسر قرار ڏيندا هئا.
مليحا لوڌي لکي ٿي ته سندس ساٿي کيس صاف گو، ايماندار ۽ اصول پسند فوجي پڻ سمجهندا هئا. هڪ سينيئر آفيسر موجب، هو جنرل آصف نواز کان به وڌيڪ صاف گو ۽ پنهنجي موقف تي قائم رهندڙ شخص هو، جڏهن ته هڪ ٻئي ساٿي کيس سخت نظم ۽ ضبط جو پابند قرار ڏنو.
آرمي چيف طور مقرري سڀني لاءِ حيران ڪندڙ هئي
مليحا لوڌي موجب، جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ جي آرمي چيف طور مقرري هڪ وڏو سرپرائز هئي.
جنرل آصف نواز جي اوچتي وفات ۽ نئين آرمي چيف جي نالي جي اعلان وچ ۾ چئن ڏينهن تائين ميڊيا ۾ سندس جانشين بابت مختلف اڳڪٿيون ٿينديون رهيون، پر جنرل ڪاڪڙ جو نالو انهن ۾ شامل نه هو.
ان وقت صدر غلام اسحاق خان کي آئين تحت هٿياربند فوجن جي سربراهه جي مقرريءَ جو صوابديدي اختيار حاصل هو، پر هن بظاهر ان اهم مقرريءَ بابت وزيراعظم سان صلاح مشورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
جون 1991ع ۾ جنرل مرزا اسلم بيگ جي جانشين جي چونڊ وقت به هن اهڙي صلاح مشوري جي روايت قائم ڪئي هئي، جيتوڻيڪ ان جي قانوني پابندي نه هئي. 1993ع ۾ به هن ساڳيو طريقو اختيار ڪيو.
سياسي ۽ دفاعي معاملن جي تجزئي نگار صحافي ماجد نظامي موجب، جنرل آصف نواز جي وفات کان پوءِ نئين آرمي چيف جي چونڊ تي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر غلام اسحاق خان وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا هئا.
مسلم ليگ (ن) جا مختلف اڳواڻ پنهنجي پسند جا نالا پيش ڪري رهيا هئا. نواز شريف جي ويجهن ساٿين جي حلقن مان ليفٽيننٽ جنرل رحم دل ڀٽي ۽ ليفٽيننٽ جنرل غلام محمد ملڪ جا نالا گردش ۾ هئا، جيتوڻيڪ اهي ٻئي سينيئرٽيءَ جي فهرست ۾ سڀ کان مٿي نه هئا.
ٻئي طرف، صدر غلام اسحاق خان جي ويجهن حلقن ۾ ان وقت جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل فرخ جو نالو موجود هو، جيڪو سڀ کان سينيئر جنرل پڻ هو. پر وزيراعظم آفيس سندس نالي کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن سان ڇڪتاڻ وڌي وئي.
ماجد نظامي موجب، ان کان پوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ پيغام رسائي شروع ٿي ۽ نواز شريف طرفان پيغام موڪليو ويو ته جنرل فرخ کان سواءِ ڪنهن کي به آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي.
هين جي ڪاسلنگ پنهنجي ڪتاب دي انٽر سروسز انٽيليجنس آف پاڪستان ۾ لکيو آهي ته صدر غلام اسحاق خان جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ جو نالو اوچتو سامهون آڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ڪوئيٽا ۾ مقرر ڪور ڪمانڊر جنرل ڪاڪڙ سينيئرٽيءَ جي لحاظ کان پنجين نمبر تي هو ۽ مقرريءَ وقت رٽائرمينٽ جي تياري ڪري رهيو هو.
ڪاسلنگ موجب، جنرل ڪاڪڙ پاڻ به پنهنجي مقرريءَ جي خبر ٻڌي اوترو ئي حيران ٿيو، جيترو ٻيا ماڻهو، ڇاڪاڻ ته ڪيترائي مضبوط اميدوار ان اعليٰ فوجي عهدي تي مقرريءَ جا منتظر هئا. بهرحال، غلام اسحاق خان پنهنجي حڪمت عمليءَ سان نواز شريف سميت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
سينارٽيءَ ۾ اڳتي چار آفيسر آرمي چيف نه بڻجي سگهيا
مليحا لوڌي لکيو آهي ته قسمت ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ جاري ڇڪتاڻ جنرل وحيد ڪاڪڙ کي دنيا جي پنجين وڏي فوج جي ڪمان ۽ ملڪ جي طاقتور ترين عهدن مان هڪ تائين پهچائي ڇڏيو.
هين جي ڪاسلنگ موجب، جنرل وحيد کي سياسي جوڙ توڙ ڪندڙ شخص نه، پر غير سياسي جنرل سمجهيو ويندو هو. سندس خيال ۾ اهو ئي سبب هو، جو غلام اسحاق خان کيس آرمي چيف چونڊيو.
جنرل وحيد جي جي ايڇ ڪيو ۾ پهرين خطاب دوران هن پنهنجي اڳوڻي آرمي چيف جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾ ساڳئي طريقي سان ڪم ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪئي.
سندس تصور موجب، سندس قيادت جنرل آصف نواز جي دور جو تسلسل هجي ها، جنهن دوران فوج کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. پر جلد ئي جنرل وحيد کي احساس ٿيو ته هن هڪ ڏکيو واعدو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سياسي حالتن کيس تيزيءَ سان پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.
مليحا لوڌي موجب، جنرل وحيد جي مقرريءَ سبب سينيئرٽيءَ ۾ کانئس اڳتي چار آفيسر آرمي چيف ٿيڻ کان محروم رهجي ويا. انهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل رحم دل (آر ڊي) ڀٽي، ليفٽيننٽ جنرل محمد اشرف، جيڪو لاهور جو ڪور ڪمانڊر هو، ليفٽيننٽ جنرل فرخ ۽ ليفٽيننٽ جنرل عارف بنگش شامل هئا، جيڪو ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تي مقرر هو.
انهن سمورن آفيسرن جي رٽائرمينٽ فيبروري کان جولاءِ 1993ع جي وچ ۾ متوقع هئي.
جنرل وحيد کي به 1993ع ۾ رٽائر ٿيڻو هو، ڇاڪاڻ ته هو ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي چار سال مڪمل ڪري چڪو هو، جن مان ٽي سال ڪوئيٽا ۾ ڪور ڪمانڊر طور گذاريا هئائين.
بظاهر صدر غلام اسحاق خان ايندڙ درجي جي آفيسرن، جن ۾ ليفٽيننٽ جنرل لطيف مغل پڻ شامل هو، بدران سينيئر ڪور ڪمانڊرن مان چونڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
آرمي چيف وحيد ڪاڪڙ وزيراعظم ۽ صدر کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو
مليحا لوڌي موجب، جنرل وحيد انهن نون ڪور ڪمانڊرن مان عوامي سطح تي سڀ کان گهٽ سڃاتل هو.
انفنٽري سان تعلق رکندڙ جنرل وحيد کي جنرل مرزا اسلم بيگ ڪوئيٽا ۾ ٻارهين ڪور جي ڪمان سونپي هئي. ان کان اڳ هو جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل طور ڪم ڪري چڪو هو، جڏهن ته ان کان اڳ سنڌ جي علائقي پنو عاقل ۾ انفنٽري ڊويزن جي ڪمان سنڀالي هئائين.
سندس مقرريءَ وقت جاري ڪيل سرڪاري پڌرائيءَ موجب، هن 1965ع جي جنگ دوران چونڊا جي محاذ تي فرنٽيئر فورس جي هڪ يونٽ سان گڏ عملي جنگي خدمتون سرانجام ڏنيون هيون. 1971ع ۾ ڀارت سان جنگ دوران هو ميجر هو ۽ سليمانڪي سيڪٽر ۾ انفنٽري برگيڊ جي ڪمان ڪري رهيو هو.
محمد انور ۽ عباد بيگ پنهنجي ڪتاب پاڪستان: ٽائيم فار چينج ۾ لکيو آهي ته جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ پنهنجي آرمي چيف واري دور ۾ پاڪستان جي سياسي صورتحال تي مڪمل ڪنٽرول رکندو هو.
سندن چوڻ موجب، جنرل ڪاڪڙ انهن فوجي آفيسرن مان هو، جيڪي سينڊهرسٽ مان تربيت حاصل ڪرڻ کان سواءِ فوج ۾ اعليٰ مقام تائين پهتا.
محمد انور ۽ عباد بيگ موجب، 1993ع جي سياسي ۽ آئيني بحران دوران جنرل ڪاڪڙ صدر غلام اسحاق خان ۽ وزيراعظم نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو. ان جي نتيجي ۾ 1993ع ۾ عام چونڊون ٿيون ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻجي وئي.
صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختلافن دوران هڪ موقعي تي اڳوڻي بيوروڪريٽ ۽ ان وقت جي احتساب واري وزير روئيداد خان موجب، هن جنرل ڪاڪڙ کي ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ فوج ان کان به گهٽ سببن تي مارشل لا لاڳو ڪيو هو، پر هاڻي آئين ۾ اٺين ترميم موجود آهي، جنهن تحت صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو آئيني اختيار حاصل آهي.
فوجي آفيسرن جي هڪ گروهه جي بغاوت واري سازش جو پتو
روئيداد خان پنهنجي ڪتاب پاڪستان: اي ڊريم گون سار ۾ لکيو آهي ته جنرل ڪاڪڙ واضح ڪيو هو ته مارشل لا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن صدر آئين موجب ڪو قدم کڻندو ته فوج سندس ساٿ ڏيندي.
محمد انور ۽ عباد بيگ موجب، جنرل ڪاڪڙ کي پنهنجي فوجي سربراهيءَ دوران هڪ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن سيپٽمبر 1995ع ۾ هن فوجي آفيسرن جي هڪ گروهه جي بغاوت واري سازش جو پتو لڳايو.
ان گروهه جي اڳواڻي ميجر جنرل ظهير الاسلام عباسي ڪري رهيو هو ۽ ان کي هڪ انتهاپسند تنظيم حرڪت الجهاد الاسلامي جي حمايت حاصل هئي. الزام موجب، گروهه آرمي چيف ۽ وزيراعظم کي قتل ڪري اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي هئي.
جنرل ڪاڪڙ جي قيادت ۾ پاڪ فوج بغاوت جي ان ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
سازش ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس هلايا ويا، پر ميجر جنرل ظهير الاسلام عباسي کي ڪجهه سالن کان پوءِ آزاد ڪيو ويو.
اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ڊاٽر آف ڊيسٽني، جيڪو ڊاٽر آف دي ايسٽ جي نالي سان پڻ شايع ٿيو، ۾ ان واقعي بابت لکيو آهي ته ان وقت جنرل وحيد ڪاڪڙ آرمي چيف هو. هن ساڻس ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي ته بينظير کيس وزيراعظم هائوس ۾ پنهنجي آفيس ۾ گهرايو.
سازش جا تفصيل ٻڌائڻ کان پوءِ جنرل ڪاڪڙ بينظير ڀٽو کي چيو ته ”وزيراعظم، توهان تمام خوش قسمت عورت آهيو.“
بينظير ڀٽو لکيو آهي ته هن ان خطاب جو مسودو غور سان پڙهيو، جيڪو سازش ۾ شامل ميجر جنرل ظهير الاسلام عباسي اڳ ئي تيار ڪري چڪو هو. ان خطاب جي شروعات سمورن مسلمانن کي نام نهاد ”اسلامي انقلاب“ تحت متحد ٿيڻ جي اپيل سان ٿيندي هئي.
مسودي ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته هاڻي اسلامي دنيا ۾ ڪا به سرحد باقي نه رهندي ۽ پاڪستان توڙي افغانستان جي سرحد پڻ ختم ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته اسلام جي رشتي سبب مسلمان هڪ قوم آهن.
بينظير ڀٽو جي خيال ۾ اهو پراڻي وفاقي اتحاد واري تصور کي نون لفظن ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش هئي.
هن وڌيڪ لکيو ته انتهاپسند عنصرن جو خيال هو ته افغانستان ذريعي وچ ايشيا ۽ ترڪي توڙي چيچنيا جي رستي يورپ جي ڪنارن تائين پهچي اسلام پکيڙي سگهجي ٿو. سندس بيان موجب، اهو القاعده جي طرز تي خلافت قائم ڪرڻ جو منصوبو هو.
بينظير ڀٽو موجب، جنرل وحيد ڪاڪڙ کيس چيو ته هو انهن ماڻهن خلاف غداريءَ جي الزام هيٺ فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائيندو ۽ کين ڦاهي ڏياريندو.
بينظير ڀٽو لکيو ته فوج اندر انتهاپسند عنصرن جي موجودگيءَ بابت کيس ڳڻتي هئي. ان ڪري هن جنرل ڪاڪڙ کي درخواست ڪئي ته 1995ع ۾ رٽائرمينٽ جي عمر پوري ٿيڻ باوجود هو پنهنجي عهدي تي برقرار رهي. پر جنرل ڪاڪڙ سندس ان تجويز سان اتفاق نه ڪيو.
ملازمت جي مدي ۾ واڌ قبول ڪرڻ کان انڪار
تجزيه نگارن موجب، جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ کي ان فيصلي تي وڏي پذيرائي ملي ته هن وزيراعظم بينظير ڀٽو طرفان ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
ماجد نظامي ٻڌائي ٿو ته پاڪستان آرمي جي تاريخ ۾ رڳو ٻه اهڙا جنرل گذريا آهن، جن ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي آڇ قبول ڪرڻ بدران پنهنجو مدو مڪمل ڪري پيشه ورانه طريقي سان رٽائرمينٽ اختيار ڪئي.
انهن مان پهريون نالو جنرل ٽڪا خان جو هو، جنهن ذوالفقار علي ڀٽو جي آڇ قبول نه ڪئي هئي، جڏهن ته جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ بينظير ڀٽو جي آڇ قبول ڪرڻ کان معذرت ڪئي هئي.
تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ليکڪ محمد حسن معراج بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته 1995ع جي پڇاڙيءَ ۾ ان وقت جي حڪومت مختلف ذريعن وسيلي جنرل ڪاڪڙ کي عهدي ۾ واڌ ڏيڻ جا ڪيترائي پيغام موڪليا، پر سندس انڪار جو هڪ جملو تمام مشهور ٿيو.
چيو وڃي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ جنرل ڪاڪڙ عمري تان واپس آيو ته ڪنهن کانئس سندس فيصلي بابت پڇيو. جنرل ڪاڪڙ جواب ڏنو: ”نا مَڙا… آءِ ايم گوئنگ هوم“، يعني ”نه يار، مان گهر وڃي رهيو آهيان.“
ماجد نظامي موجب، رٽائرمينٽ کان پوءِ جنرل ڪاڪڙ عام طور سياسي معاملن تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو ۽ خاموش زندگي گذاري. اها خوبي کيس ٻين طاقتور جنرلن کان الڳ ڪري ٿي.
ماجد نظامي جو چوڻ آهي ته جمهوريت جي حوالي سان جنرل ڪاڪڙ جي ڪردار تي هميشه بحث ٿيندو رهندو. هن سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ منفرد فارمولو پيش ڪيو، جنهن تحت صدر، وزيراعظم، سمورن صوبن جا وڏا وزير ۽ حتيٰ گورنر به هڪ ئي وقت استعيفيٰ ڏيڻ تي راضي ٿيا ۽ نين چونڊن جو اعلان ڪيو ويو.
هن سوال اٿاريو ته ڇا اهو جمهوريت بچائڻ جي مخلصاڻي ڪوشش هئي يا سڀني کي هڪ ئي لٺ سان هڪ طرف هلائڻ جي ڪوشش؟ تاريخدان سندس ڪردار جي تشريح پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڪندا رهندا. (هي اسٽوري بي بي سي اردو تي شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)










