اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر شرميلا فاروقي پگهاردار طبقي تي وڌندڙ ٽيڪس بار بابت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته هڪ پاسي پگهاردار ماڻهن تي ٽيڪسن جو بار وڌي رهيو آهي، ته ٻئي پاسي ٽيڪس ڇوٽ ۽ رعايتن سبب حڪومت وڏي آمدني حاصل ڪرڻ کان محروم رهي ٿي.
حڪومت جي پنهنجن انگن اکرن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته مالي سال 2020-21ع ۾ ٽيڪس رعايتن ۽ ڇوٽن سبب حڪومت کي هڪ کرب 43 ارب رپين جي آمدنيءَ کان محروم رهڻو پيو، جيڪا رقم مالي سال 2024-25ع ۾ وڌي 2 کرب 35 ارب رپيا ٿي وئي. اهڙيءَ طرح چئن سالن دوران ان ۾ 921 ارب رپين، يعني 64 سيڪڙو واڌ ٿي.
هن نشاندهي ڪئي ته مالي سال 2024-25ع دوران پگهاردار طبقي انڪم ٽيڪس جي مد ۾ لڳ ڀڳ 606 ارب رپيا ادا ڪيا، جڏهن ته ٽيڪس رعايتن جي مجموعي رقم 2 کرب 35 ارب رپيا هئي، جيڪا پگهاردار طبقي جي ادا ڪيل ٽيڪس کان لڳ ڀڳ چار ڀيرا وڌيڪ آهي.
ڊاڪٽر شرميلا فاروقي سوال ڪيو ته ”انهن ٽيڪس رعايتن مان سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪنهن کي پهچي رهيو آهي؟ ۽ جڏهن اڳ ئي ٽيڪس ادا ڪندڙ پگهاردار شهري وڌندڙ بار برداشت ڪري رهيا آهن، ته پوءِ ناجائز ڇوٽون جاري رکڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟“
هن مطالبو ڪيو ته ٽيڪس رعايتن جو شفاف جائزو ورتو وڃي ۽ اهي رعايتون ختم ڪيون وڃن، جن بابت اهو ثابت نه ٿي سگهي ته انهن سان معيشت يا سماج کي ماپي سگهڻ جوڳو فائدو پهچي رهيو آهي.










