ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
Khalid Bin Salman, Asim Munir and Ibrahim Kalin

ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سومر ڏينهن تهران ۾ پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي نمائندن سان ٿيل اجلاس دوران ”علائقائي اتحاد“ تي زور ڏنو. انهن ٽنهي ملڪن تازو ئي مڪا دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن.
صدر پزشڪيان جي صدارتي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان موجب، هن چيو ته ”مون کي اميد آهي ته هن اجلاس ۾ اهم ۽ اثر رسوخ رکندڙ اسلامي ملڪن جي نمائندن جي شرڪت علائقائي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪندي.“ هن اسلامي ملڪن تي زور ڏنو ته اهي ”گڏجي بيهن ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن.“
اجلاس جي شروعات ۾ ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري ٻڌايو ته ايران، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جا نمائندا علائقائي سهڪار، ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت ۽ ان جي نتيجن سميت ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ گڏ ٿيا آهن.
ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري آءِ آر آءِ بي ان کان اڳ اجلاس جي وڊيو جاري ڪندي ٻڌايو هو ته ”علائقائي سلامتي ۽ استحڪام“ بابت چئن ملڪن جو اجلاس شروع ٿي ويو آهي. وڊيو ۾ چيف آف ڊفينس فورسز (سي ڊي ايف) ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي کي ايران جي صدر، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ سيڪيورٽي سربراهه محسن رضائي سان گڏ ويٺل ڏيکاريو ويو.
ڳالهين ۾ سعودي عرب جو بچاءَ وارو وزير شهزادو خالد بن سلمان ۽ ترڪيه جي انٽيليجنس اداري جو سربراهه ابراهيم ڪالن پڻ شامل هئا.
ان کان اڳ ڏينهن ۾ پاڪ فوج جي ترجمان اداري، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر)، تصديق ڪئي هئي ته چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير تهران جي دوري تي آهي، پر دوري بابت وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا هئا.
ايران جي سرڪاري ٽي وي چينل پريس ٽي وي پڻ اجلاس جون تصويرون جاري ڪيون.
ان کان اڳ ايران جي سرڪاري خابرو اداري اِرنا، ملڪ جي اعليٰ ترين سلامتي اداري جي نائب سيڪريٽري علي باقري ڪني جي حوالي سان ٻڌايو هو ته هي دورو اولهه ايشيا ۾ علائقي جي پنهنجي وسيلن ۽ صلاحيتن تي ٻڌل سلامتيءَ جو تصور عملي طور لاڳو ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.
ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ٽنهي ملڪن جي عملدارن سان اجلاس ۾ ”اسان جي خطي کي درپيش سڀ کان سنگين مسئلن“ تي بحث ٿيندو، جن ۾ اسرائيل جون توسيع پسند پاليسيون ۽ فلسطين توڙي لبنان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي شامل آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اجلاس جي ايجنڊا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترجيح ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت جي نتيجن ۽ سڄي خطي تي ان جي اثرن کي ڏني ويندي.
اِرنا وڌيڪ بقائي جي حوالي سان ٻڌايو ته تهران ۾ ٿيندڙ هي اجلاس ”علائقي جي پنهنجي وسيلن تي ٻڌل سلامتي“ جي قيام لاءِ وڌيڪ قدمن جي شروعات ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اهو اهڙو معاملو آهي، جنهن تي ايران ڪيترن ئي ڏهاڪن کان زور ڏيندو رهيو آهي.
بقائي چيو ته ”اسان جو موقف آهي ته علائقائي سلامتي رڳو خطي جي ملڪن جي سلامتيءَ بابت خدشن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ سان ئي يقيني بڻائي سگهجي ٿي.“
هن وڌيڪ چيو ته گذريل ٻن سالن، خاص طور تي گذريل اٺن مهينن جي واقعن مان ظاهر ٿيو آهي ته پائيدار ۽ قابل اعتماد سلامتي رڳو خطي جي ملڪن وچ ۾ اعتماد ۽ سهڪار وڌائڻ سان ئي ممڪن آهي.
سعودي عرب جي نائب وزير براءِ عوامي سفارتڪاري رائد ڪرملي پڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ذريعي دوري جي تصديق ڪئي.
ڪرملي چيو ته هي دورو ”مڪا دفاعي اتحاد جي ميمبر ملڪن جي انهن مسلسل ڪوششن جو حصو آهي، جن جو مقصد جاري بحران ۾ شامل ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي حلن کي هٿي ڏيڻ ۽ قطر توڙي پاڪستان پاران جاري ثالثيءَ جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته هي دورو علائقائي سلامتي ۽ استحڪام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ خطي جي سمورن ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ مڪي دفاعي اتحاد جي ميمبرن جي اهم ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو.
هي دورو اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن گذريل ڪجهه هفتن دوران حوثي باغين جا حملا وڌي ويا آهن ۽ واشنگٽن توڙي تهران وچ ۾ بيان بازي وڌيڪ سخت ٿي وئي آهي.
سومر ڏينهن رٿيل هي ڳالهيون سعودي عرب جي تڪرار ۾ وڌيڪ گهري طرح شامل ٿيڻ کان پوءِ ايران ۽ مڪا دفاعي اتحاد جي سمورن ميمبر ملڪن وچ ۾ پهريون اعليٰ سطحي رابطو هوندو.
آگسٽ ۾ صحيح ٿيل مڪا دفاعي معاهدي تحت، ڪنهن هڪ ميمبر ملڪ تي هٿياربند حملو سڀني ميمبر ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.
چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير گذريل هفتي به ايران جو دورو ڪيو هو. ان دوري دوران ايراني اڳواڻن موقف اختيار ڪيو هو ته اعتماد جي بحاليءَ لاءِ آمريڪا کي پهريان قدم کڻڻ گهرجن. هنن چيو هو ته تهران جي ستن نقطن واري تجويز قبول ڪرڻ سان نئين سر ڳالهين جي شروعات ٿي سگهي ٿي.
ايران جي خابرو اداري اِسنا موجب، بقائي ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هن اجلاس جي تجويز گذريل هفتي فيلڊ مارشل عاصم منير جي تهران دوري دوران ڏني وئي هئي. هن چيو ته تهران ان تجويز جو مثبت جائزو ورتو ۽ اجلاس سومر ڏينهن ٿيڻ لاءِ طئي ڪيو ويو.
وچ اوڀر ۾ جنگ ۽ سفارتي ڪوششون
فيبروري جي آخر کان وچ اوڀر جنگ جي لپيٽ ۾ آهي، جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي اوچتو حملن جو سلسلو شروع ڪيو هو. ان وقت واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ايران جي جوهري پروگرام بابت ڳالهيون جاري هيون.
اپريل ۾ ٿيل جنگبنديءَ سان شديد بمباريءَ جي شروعاتي مرحلي جو خاتمو ٿيو، پر ان کان پوءِ به ٻنهي ڌرين آبنائي هرمز تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن. هن سامونڊي گذرگاهه ذريعي اڳ ۾ دنيا جي ڪل استعمال ٿيندڙ تيل ۽ مائع قدرتي گئس جو لڳ ڀڳ پنجون حصو منتقل ٿيندو هو.
ايران آبنائي هرمز تي پنهنجي ڪنٽرول جي دعويٰ ڪري ٿو ۽ انهن جهازن کي باقاعدي نشانو بڻائي ٿو، جيڪي ان جي اجازت کان سواءِ اتان گذرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ٻئي طرف، آمريڪا ايراني بندرگاهن تي سامونڊي جوابي ناڪابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
بحران جي حل لاءِ سفارتي ڪوششون اڃا تائين رڪيل آهن، خاص طور تي جون ۾ ٿيل ان معاهدي جي ناڪاميءَ کان پوءِ، جنهن ۾ مستقل ٺاهه تائين پهچڻ لاءِ رستو طئي ڪيو ويو هو.
ان کان پوءِ جنگ خطي جي ٻين حصن تائين به پکڙجي وئي آهي، جنهن ۾ يمن ۾ سعودي عرب ۽ حوثي باغين وچ ۾ ويڙهه پڻ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو