آمريڪا ۾ اڄ مڊٽرم چونڊون، ڊيموڪريٽس کي برتري ملڻ جو امڪان

آمريڪا ۾ اڄ مڊٽرم چونڊون، ڊيموڪريٽس کي برتري ملڻ جو امڪان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ اڄ مڊٽرم چونڊون ٿينديون، سروي ۽ پولز موجب ڊيموڪريٽس کي ايوانِ نمائندگان ۾ برتري ملڻ جو امڪان آهي.سينيٽ جي ست اهم سيٽن تي سخت مقابلي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. مڊٽرم چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس جي امڪاني ڪاميابيءَ کي نظر ۾ رکندي ٽرمپ انتظاميا ڪانگريس جي منظوريءَ کانسواءِ حڪمراني ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ڊيموڪريٽس ڪانگريس کٽي ويا ته هو ”مسٽر ويٽو“ بڻجي ويندو. سندس چوڻ هو ته شروعات ۾ هو ويٽو جو اختيار استعمال ڪندو، جڏهن ته بعد ۾ ڊيموڪريٽس سان معاهدا ٿيڻ جا امڪان آهن. وائيٽ هائوس جي عملدارن موجب ڪانگريس جي منظوريءَ کانسواءِ قدم کڻڻ بابت قانوني جائزا ۽ تجويزون تيار ڪيون پيون وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اميگريشن، ٽيرف، هائوسنگ ۽ سرڪاري خرچن بابت انتظامي قدم کنيا پيا وڃن.
ڪيليفورنيا ۾ تڪراري ووٽن جي ڳڻپ روڪڻ واري درخواست رد
پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ٽرمپ انتظاميا کي ڌڪ لڳو آهي، آمريڪي سپريم ڪورٽ ڪيليفورنيا ۾ تڪراري ووٽن جي ڳڻپ روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ٽرمپ انتظاميا جو الزام آهي ته ڪجهه ووٽر آمريڪي شهري ناهن.
مڊٽرم چونڊون: اڳواٽ ووٽنگ جو نئون رڪارڊ قائم
آمريڪي مڊٽرم چونڊن کان اڳ 5 ڪروڙ 13 لک کان وڌيڪ شهري ٽپال ذريعي يا ذاتي طور پولنگ اسٽيشنن تي پهچي اڳواٽ ووٽ ڏئي چڪا آهن، جيڪو 2022ع جي اڳوڻي رڪارڊ کان وڌيڪ آهي. اڳواٽ ووٽنگ ۾ ڊيموڪريٽس کي برتري حاصل آهي، جڏهن ته ڪيترين ئي اهم رياستن ۾ رڪارڊ ووٽر ٽرن آئوٽ سبب ڪانگريس جي ڪنٽرول جي ڊوڙ وڌيڪ دلچسپ بڻجي وئي آهي. فلوريڊا يونيورسٽي جي اليڪشن ليب موجب، جيڪڏهن هن سال ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 2022ع جيترو رهيو ته 10 ڪروڙ کان وڌيڪ آمريڪي شهري پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن ٿا. اتر ڪيرولائنا ۾ 10 لک کان وڌيڪ ڊيموڪريٽس ۽ 6 لک 79 هزار ريپبلڪن اڳواٽ ووٽ ڏئي چڪا آهن. ٽيڪساس ۾ 76 لک، ڏکڻ ڪيرولائنا ۾ لڳ ڀڳ 10 لک ۽ جارجيا ۾ 28 لک کان وڌيڪ شهري اڳواٽ ووٽ ڏئي چڪا آهن. جارجيا ۾ 2022ع جي ڀيٽ ۾ ووٽنگ ۾ 13 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته مين، ڪنساس ۽ مشي گن ۾ پڻ اڳواٽ ووٽنگ ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. آمريڪا جي 27 رياستن جي انگن اکرن موجب اڳواٽ ووٽ ڏيندڙن مان 43.1 سيڪڙو ڊيموڪريٽس ۽ 31.8 سيڪڙو ريپبلڪن آهن، جڏهن ته آزاد ووٽرن جو حصو لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو آهي. پنسلوانيا ۾ اڳواٽ ووٽ ڏيندڙن مان 65 سيڪڙو ڊيموڪريٽس ۽ 25 سيڪڙو ريپبلڪن آهن. روايتي طور ريپبلڪن جي حمايت وارين رياستن آئووا، ڪنساس ۽ نيبراسڪا ۾ به ڊيموڪريٽس جي اڳواٽ ووٽنگ ريپبلڪن جي برابر يا ان کان وڌيڪ رهي آهي، جڏهن ته فلوريڊا، مشي گن ۽ ٽيڪساس ۾ ريپبلڪن جي اڳواٽ ووٽنگ ۾ به اضافو ٿيو آهي. فلوريڊا ۾ ريپبلڪن کي ڊيموڪريٽس تي 3 سيڪڙو پوائنٽن جي برتري حاصل آهي، جڏهن ته 2022ع ۾ اهو فرق 6.4 پوائنٽس هو. مشي گن ۾ 30 سيڪڙو رجسٽرڊ ريپبلڪن اڳواٽ ووٽ ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته ڊيموڪريٽس ۾ اها شرح 23 سيڪڙو رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو