دهشتگردي جي سهولتڪارن مان هڪ ڪي پي جي نااهل حڪومت هئي

دهشتگردي جي سهولتڪارن مان هڪ ڪي پي جي نااهل حڪومت هئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته دهشتگردي جي سهولتڪارن ۾ خيبرپختونخوا جي نااهل ۽ لاتعلق حڪومت به شامل هئي، جڏهن ته صوبي ۾ دهشتگردي خلاف ڪاررواين ۾ رنڊڪ وجهندڙ هڪ سهولتڪار هاڻي اتي موجود ناهي.عالمي خابرو اداري رائٽرز کي 30 آڪٽوبر تي ڏنل انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان وٽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ واضح حڪمت عملي موجود آهي، جنهن جو هڪ اهم حصو ملڪ اندر دهشتگردن ۽ انهن جي سمورن سهولتڪارن جو خاتمو ڪرڻ آهي. هن چيو ته دهشتگردي جا ڪجهه مسئلا اهڙا به آهن، جن کي ملڪ اندر ئي حل ڪرڻو پوندو. خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي خلاف آپريشنز جي مخالفت اهي ماڻهو ڪن ٿا، جن جا دهشتگردن سان لاڳاپا آهن.ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري موجب خيبرپختونخوا ۾ ڪنهن وڏي فوجي آپريشن بدران انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. سيڪيورٽي فورسز روزانو لڳ ڀڳ 200 اهڙا آپريشن ڪن ٿيون، جن ۾ پوليس، فوج ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي ڪم ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جو رويو ڀارت جهڙو ناهي، جو سمورن اندروني مسئلن جو ذميوار ٻاهرين قوتن کي قرار ڏنو وڃي. اسان اهو نٿا چئون ته پاڪستان ۾ سموري دهشتگردي جو سبب افغانستان آهي، پر افغانستان اهو بنيادي مرڪز آهي، جتان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪئي وڃي ٿي ۽ جتي دهشتگردن جي قيادت، تربيتي ڪئمپون ۽ ڪاررواين جا مرڪز موجود آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته گذريل 20 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهڻ سبب پاڪستان وٽ ان حوالي سان وسيع تجربو آهي. خيبرپختونخوا جي عوام دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪيون آهن. هن خيبرپختونخوا جي عوام کي بهادر ۽ پاڪستاني سماج جو اهم حصو قرار ڏيندي چيو ته پختون پنهنجي روايتن تي فخر ڪن ٿا ۽ صوبي جا ماڻهو امن ۽ استحڪام جا حقدار آهن. حڪومت جي خاتمي بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اهو سياسي معاملو آهي، جنهن جو بهتر جواب سياستدان ڏئي سگهن ٿا، البت سندس چوڻ هو ته حڪومت جي تبديلي آئيني ۽ قانوني ضابطن تحت ٿي.
بلوچستان ۾ دهشتگردي بابت موقف
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دهشتگرد پنهنجن سرپرستن جي اشارن تي بلوچستان جي ترقي ۽ ترقياتي منصوبن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. دهشتگرد نه رڳو مائننگ جي شعبي، پر ايل پي جي ٽرڪن، اسڪولن ۽ استادن کي به نشانو بڻائين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگرد پلن ۽ ريلوي لائينن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيئن معاشي سرگرميون متاثر ٿين. سندس چوڻ هو ته جيڪي منصوبا مقامي ماڻهن لاءِ روزگار ۽ معاشي استحڪام جو سبب بڻجن ٿا، دهشتگرد انهن کي نشانو بڻائين ٿا. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري الزام لڳايو ته بلوچستان جي اشرافيه عام ماڻهن کي غريب ۽ اڻ پڙهيل رکندي پنهنجو اثر رسوخ برقرار رکڻ چاهي ٿي. سندس چوڻ موجب دهشتگردن ۽ اشرافيه جو ڳٺ جوڙ آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي صوبي جي ترقي جا مخالف آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو