جي جي حديد جي پسنديده بالي ووڊ فلم جو نالو ٻڌائي مداح حيران

جي جي حديد جي پسنديده بالي ووڊ فلم جو نالو ٻڌائي مداح حيران

لنڊن (ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي ماڊل جي جي حديد پنهنجي پسنديده بالي ووڊ فلم جو نالو ظاهر ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو برطانوي ماڊل نيلم ڪور گل انسٽاگرام تي هالووِين جي لباس ۾ پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون آهن، جن ۾ هوءَ بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور جي مشهور فلم ’ڪڀي خوشي ڪڀي غم‘ جي ڪردار پوجا شرما (پو) جي روپ ۾ نظر اچي رهي آهي.نيلم ڪور گل تصويرن سان گڏ فلم جي مشهور ڊائلاگ جو حوالو ڏيندي لکيو ته ”ٻڌايو، ڪيئن لڳيس؟“ هن پنهنجي لباس کي 2000ع واري ڏهاڪي جي بالي ووڊ فلمن جي انداز کان متاثر قرار ڏيندي ڪرينا ڪپور کي ”راڻي“ پڻ سڏيونيلم جي ان پوسٽ تي جي جي حديد تبصرو ڪندي لکيو ته ”مون کي هيءَ فلم تمام گهڻي پسند آهي.“جي جي حديد جي ان انڪشاف تي مداحن حيرت ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو