اسلام آباد (بيورو رپورٽ)افغان سرحدي چوڪين تان پاڪستاني سرحدي چوڪين تي بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي.پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز فوري ۽ اثرائتي جوابي ڪارروائي ڪندي افغان سرحدي پوسٽن، مارٽر پوزيشنن ۽ دفاعي چوڪين کي نشانو بڻايو. پاڪستاني فورسز جي سخت جوابي ڪارروائي سبب افغان طالبان پنهنجون پوسٽون ڇڏي فرار ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا.ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ وزيرستان موجب پاڪستاني سرحدي علائقن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو. پاڪستاني فورسز هر قسم جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهن.










