جرمني ۾ پرتشدد مظاهرا، ڦر لٽ، يورپ جي ٻين ملڪن به احتجاج

جرمني ۾ پرتشدد مظاهرا، ڦر لٽ، يورپ جي ٻين ملڪن به احتجاج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڇنڇر جي دير رات جرمني جي مالي مرڪز فرينڪفرٽ جي مرڪزي علائقي ۾ دڪانن کي ڦريو ويو، جڏهن ته مهانگائي ۽ وڌندڙ خرچن خلاف جرمني جي مختلف شهرن ۾ احتجاج دوران جهڙپون ٿي پيون.
فرينڪفرٽ کان علاوه برلن، ڪولون ۽ هيمبرگ ۾ پڻ تشدد جا واقعا پيش آيا. پوليس جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙن هنگامي امدادي ڪارڪنن کي آتشبازي، پٿرن ۽ بوتلن سان نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ کين منتشر ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن استعمال ڪيا ويا.
ان کان اڳ ڏينهن دوران هزارين ماڻهن وڏي پئماني تي پرامن مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي. اهي احتجاجي مظاهرا مهم هلائيندڙ گروپ ”جن زي ريگلٽ“ جي سڏ تي ڪيا ويا، جنهن جي معنيٰ آهي ته ”جن زي ذميواري سنڀالي ٿي“. احتجاج ڪندڙن اسڪولن لاءِ گهٽ فنڊ، وڌندڙ مهانگائي، سرڪاري خرچن ۾ ڪٽوتين ۽ لازمي فوجي خدمت خلاف آواز اٿاريو.
جرمني ۾ هي بدامني فرانس ۾ نوجوانن جي اڳواڻي ۾ ٿيندڙ اهڙن ئي احتجاجن کانپوءِ سامهون آئي آهي، جتي ڇنڇر تي 3 لک 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن مظاهرن ۾ شرڪت ڪئي.
آچر تي جرمني جي گهرو وزير اليگزينڊر ڊوبرنڊٽ اخبار بلڊ سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس رات جو تازن هفتن دوران پيرس ۾ ڏٺل تشدد جهڙي صورتحال کي روڪڻ ۾ ڪامياب رهي ۽ فساد ڪندڙن ۽ ڦرلٽ ڪندڙن لاءِ سخت سزائن جو مطالبو ڪيو.
رات جو فرينڪفرٽ جي مکيه واپاري شاهراهه جو هڪ وڏو حصو پوليس بند ڪري ڇڏيو. پوليس جي ترجمان موجب شهر ۾ ڪيتريون ئي گرفتاريون عمل ۾ آيون.
فرينڪفرٽ، ميونخ ۽ برلن جي اختيارين موجب احتجاج ڪندڙن جو انگ 18 هزار تائين هو، جيڪو منتظمين پاران پنهنجي ويب سائيٽ تي ٻڌايل انگ کان لڳ ڀڳ اڌ هو. جرمن ميڊيا موجب ڇنڇر تي جرمني جي مختلف شهرن ۾ ڏهه هزارين ماڻهن احتجاج ڪيو.
”جن زي ريگلٽ“ جي ترجمان لينا فريڊرڪ چيو ته مظاهرن جو مقصد جنگ ۽ جبر بدران امن ۽ آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي.
هن چيو: ”اسان لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه صحت ۽ تعليم جي نظام لاءِ بهتر سهڪار آهي. اسان لازمي فوجي خدمت جا مخالف آهيون ۽ ذميوارين جي وڌيڪ منصفاڻي ورڇ جا حامي آهيون.“
ڇنڇر جي رات فرينڪفرٽ پوليس چيو ته شهر جي مرڪز ۾ ”پرتشدد فساد“ جاري آهن ۽ خاص پوليس دستا مقرر ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب ڪيترن ئي دڪانن جا شيشا ٽوڙيا ويا ۽ هنگامي خدمتن تي پيٽرول بم اڇلايا ويا.
عملدارن ٻڌايو ته هڪ هٿيارن جي دڪان جا شيشا به ٽوڙيا ويا، جڏهن ته هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ٻه هٿيار قبضي ۾ ورتا ويا. ماڻهن ٻين دڪانن ۾ به گهڙي راندين جا جوتا ۽ ٻيون شيون ڦريون.
هيسن رياست، جنهن جو فرينڪفرٽ سڀ کان وڏو شهر آهي، جي گهرو وزير رومن پوسيڪ چيو ته شهر ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ ”لڳ ڀڳ 100 واضح طور سڃاتل کاٻي ڌر جي انتهاپسندن“ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته احتجاج جو اهڙي نموني ختم ٿيڻ شرمناڪ آهي.
هن چيو: ”اسان سڀني جي ذهنن ۾ فرانس جون اهي تصويرون موجود آهن ــ ڦرلٽ، گهرن کي باهه، پوليس جي گاڏين کي ساڙڻ ۽ پوليس اهلڪارن تي حملا… ان حوالي سان فرانس کي مثال طور پيش نه ڪيو وڃي.“
پوليس موجب آچر جي صبح تائين شهر ۾ صورتحال پرامن ٿي وئي. گهڻو ڪري پرامن مظاهرن کانپوءِ جرمني جي ٻين شهرن ۾ پڻ اهڙا واقعا پيش آيا.
ڪولون ۾ پوليس چيو ته مکيه ريلوي اسٽيشن ڀرسان اهلڪارن تي حملا ڪيا ويا، جتي بوتلون اڇلايون ويون ۽ هڪ سائيڪل به پوليس ڏانهن اڇلائي وئي.
ڪولون جي پوليس سربراهه يوهانس هرمانس چيو ته ”اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته نوجوان، جيڪي پنهنجي مستقبل لاءِ پرامن احتجاج ڪرڻ چاهيندا هئا، انهن ۾ اهڙا انتهاپسند شامل ٿي ويا جن جي ذهن ۾ تشدد کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه هو“.
برلن ۾ ڏينهن جي وڏن احتجاجن کانپوءِ شام جو ٿيل هڪ ننڍي مظاهري دوران 27 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته 56 ماڻهن کي عارضي طور حراست ۾ ورتو ويو.
هيمبرگ ۾ ڪارا ڪپڙا پاتل ماڻهن آتشبازي ڪئي ۽ رڪاوٽون ساڙي ڇڏيون. سرڪاري نشرياتي اداري اين ڊي آر موجب 120 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.
جرمني ۾ اهي احتجاج ساڳئي ڏينهن يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ٿيندڙ وڏي پئماني جي مظاهرن سان گڏ ٿيا.
فرانس ۾ مسلسل ٽئين هفتي جي آخر ۾ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڏي پئماني تي پرامن احتجاج ڪيا ويا، جن ۾ 3 لک 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن وڌندڙ مهانگائي ۽ خراب سرڪاري خدمتن، خاص طور تي تعليم جي شعبي ۾ صورتحال بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو.
سڄي ملڪ ۾ هزارين پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا، جڏهن ته ڪجهه شهرن ۾ پوليس احتجاج ڪندڙن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس استعمال ڪئي.
فرانس جي گهرو وزارت موجب ڇنڇر جي احتجاجن دوران سڄي ملڪ مان 770 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو گذريل هفتي جي احتجاجن دوران ٿيل گرفتارين جي تعداد کان لڳ ڀڳ اڌ آهي.
فرانس جي گهرو وزير لوران نونيز چيو ته هڪ پوليس اهلڪار پيٽرول بم لڳڻ سبب زخمي ٿيو، جنهن کانپوءِ فرانسيسي پراسيڪيوٽرن قتل جي ڪوشش بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي.
پيرس پوليس چيو ته ڪيترن ئي سئو فساد ڪندڙن سيڪيورٽي فورسز تي مختلف شيون اڇلائي حملا ڪيا.
فرانس ۾ احتجاجن جي منتظم گروپ ”گيلي جون“، جنهن کي ”پيلي ويسٽون“ پڻ چيو وڃي ٿو، دعويٰ ڪئي آهي ته تازن مظاهرن دوران ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪيترائي احتجاج ڪندڙ سخت زخمي ٿيا آهن، جن مان گهڻا ”گرنيڊن“ جي استعمال سبب زخمي ٿيا.
فرانس آڪٽوبر جي شروعات ۾ شاگردن جي احتجاجن دوران هڪ 15 ورهين جي نوجوان جو هٿ سخت زخمي ٿيڻ کانپوءِ پوليس پاران هڪ خاص قسم جي آواز ۽ ڌماڪي واري گرينيڊ جي استعمال کي معطل ڪري ڇڏيو هو. تنهن هوندي، فرانسيسي اخبار لي مونڊ موجب پوليس بعد وارن احتجاجن ۾ گرنيڊ جو هڪ ٻيو قسم استعمال ڪندي رهي آهي.
اٽلي ۾ پڻ احتجاج ٿيا، جتي روم ۽ ٽورين شهرن ۾ پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ ڪجهه جهڙپون ٿيون.
پرتگال ۾ پوليس هڪ نئين خيمن واري ڪيمپ کي هٽائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي، جيڪا هزارين ماڻهن جي ان مارچ کانپوءِ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڪرائي بابت هڪ قانون جي خلاف احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن جو موقف آهي ته اهو قانون ملڪ ۾ اڳ ئي موجود رهائشي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي سگهي ٿو، جتي گذريل ڏهن سالن دوران گهرن جون قيمتون ٻيڻ کان به وڌيڪ وڌي ويون آهن.
تازن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري نوجوان احتجاج ڪندڙ فرانس، بيلجيم، آئرلينڊ، اسپين، پرتگال، اٽلي، يونان، سربيا ۽ البانيا سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ روڊن تي نڪري آيا آهن.
جيتوڻيڪ هر ملڪ ۾ احتجاج ڪندڙن جا مطالبا مختلف آهن، پر انهن جو بنيادي ڌيان مهانگائي ۽ وڌندڙ خرچن سان لاڳاپيل مسئلن تي رهيو آهي، جن ۾ رهائش تائين رسائي، تعليم جو معيار ۽ سرڪاري خدمتن ۾ ڪٽوتيون شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو