ڪراچي بندرگاهه تي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ سان ڀريل ٻه سامونڊي جهاز پهچي ويا

ڪراچي بندرگاهه تي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ سان ڀريل ٻه سامونڊي جهاز پهچي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بندرگاهه تي ڀاڻ ۽ ڪڻڪ سان ڀريل ٻه سامونڊي جهاز پهچي ويا، ٻنهي جهازن کي ترجيحي بنيادن تي لنگر انداز ٿيڻ لاءِ برٿ فراهم ڪئي وئي.ڪراچي پورٽ جي ترجمان موجب بندرگاهه تي هڪ لک هڪ هزار ٽن درآمدي سامان جي هينڊلنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ 50 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ ۽ 51 هزار ٽن ڪڻڪ شامل آهي، جڏهن ته ڪڻڪ جي هينڊلنگ جو عمل پڻ جاري آهي. وفاقي وزير بحري معاملن جنيد انور چوڌري چيو آهي ته ٻن سامونڊي جهازن جي هڪ ئي وقت هينڊلنگ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي آپريشنل صلاحيت جو ثبوت آهي. ضروري شين جي بروقت فراهمي خوراڪ جي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي، جڏهن ته بندرگاهن تي سامان جي هينڊلنگ جي صلاحيت وڌائڻ حڪومت جي ترجيح آهي. ڪي پي ٽي جي چيئرمين ريئر ايڊمرل شاهد احمد موجب ڪراچي بندرگاهه ملڪ جي واپار ۽ سپلاءِ چين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بندرگاهن جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ ۽ سامان جي هينڊلنگ جي صلاحيت بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو