ايل پي جي اڳواڻ پاران 16 نومبر کان ملڪگير  ۾ هڙتال جو اعلان

ايل پي جي اڳواڻ پاران 16 نومبر کان ملڪگير ۾ هڙتال جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايل پي جي جي ايسوسيئيشنز 16 نومبر کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايل پي جي مارڪيٽس ايسوسيئيشن جي سينيئر وائيس چيئرمين علي حيدر حڪومت طرفان قيمتن جي تعين لاءِ نئون فارمولو رد ڪندي چيو آهي ته 16 نومبر کان ايل پي جي جي وڪري جو سلسلو بند ڪيو ويندو.هن چيو ته سمورين ايسوسيئيشنز جي هنگامي اجلاس ۾ حڪومتي فارمولي خلاف فيصلو ڪيو ويو آهي. علي حيدر موجب حڪومت جي نئين پرائسنگ فارمولي سبب ايل پي جي جي قيمتن ۾ 25 کان 30 سيڪڙو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف گذريل ڏينهن نومبر لاءِ ايل پي جي 14 رپيا 73 پئسا في ڪلو مهانگي ڪئي وئي، جنهن جو اوگرا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جي نئين قيمت 294 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن تي پهرين نومبر کان عمل شروع ٿي ويو آهي. اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 173 رپيا 86 پئسا مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته 11.8 ڪلوگرام واري گهريلو سلينڊر جي نئين قيمت 3470 رپيا 9 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ ايل پي جي اوگرا جي مقرر ڪيل قيمت کان ٻيڻي اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو