سنڌ ۾ بلدياتي سهولتن لاءِ 15 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري

سنڌ ۾ بلدياتي سهولتن لاءِ 15 ڪروڙ ڊالرن جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ورلڊ بئنڪ سنڌ ۾ بلدياتي سهولتن کي بهتر بڻائڻ ۽ پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙي جو نظام اثرائتو ڪرڻ لاءِ 15 ڪروڙ ڊالرن جي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ورلڊ بئنڪ جي پڌرائي موجب پروگرام تحت ڪراچي ۾ سالياني پراپرٽي ٽيڪس اوڳاڙي 85 لک ڊالرن مان وڌائي 8 ڪروڙ 50 لک ڊالر ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪس ادائيگي جي شرح 20 سيڪڙو مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي ويندي. پروگرام مان ڪراچي جي 25 بلدياتي ڪائونسلن جا 35 لک 80 هزار شهري فائدو حاصل ڪندا، جڏهن ته پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي لاءِ جديد ڊجيٽل نظام پڻ متعارف ڪرايو ويندو. پڌرائي موجب پراپرٽي ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ آمدني جو 70 سيڪڙو بلدياتي سهولتن تي خرچ ڪيو ويندو، جنهن ۾ نيڪال واري نظام، گندي پاڻي جي نيڪال، اسڪولن، روڊن جي بحالي، فائر اسٽيشنن ۽ اسٽريٽ لائيٽن جي بهتري شامل آهي. ورلڊ بئنڪ موجب سنڌ جي بلدياتي ڪائونسلن جي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ آمدني صوبائي حڪومت طرفان ملندڙ مالي منتقلي تي ڀاڙي ٿي. پروگرام تحت سنڌ جي ٻين شهرن جي 20 بلدياتي ڪائونسلن ۾ پراپرٽي سروي پڻ ڪيو ويندو، جنهن مان انهن شهري علائقن جا 45 لک ماڻهو اڻ سڌي طرح فائدو حاصل ڪندا. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻين شهري مرڪزن ۾ پراپرٽي ٽيڪس جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ 4 ڪروڙ ڊالر رکيا ويا آهن. بلدياتي ڪائونسلن کي فنڊ سالياني ڪارڪردگي جي جائزي کانپوءِ فراهم ڪيا ويندا، جڏهن ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کان محفوظ بلدياتي ڍانچي جي بحالي پڻ پروگرام جو حصو هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو