ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجابي گلوڪار ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه تي شاگردن جي احتجاج واري معاملي تي خاموش رهڻ سبب تنقيد ڪندڙ ڀارتي سياسي اڳواڻ اڀيجيت ڊپڪي کانئس عوامي سطح تي معافي وٺي ڇڏي.اهو معاملو ان وقت ٻيهر بحث هيٺ آيو، جڏهن دلجيت دوسانجهه جمعي جي شام نئين دهلي جي جواهر لعل نهرو اسٽيڊيم ۾ ڪنسرٽ دوران تنقيد جو جواب ڏنو.گلوڪار ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪنهن کي به پنجابي ماڻهن کي وڙهڻ نه سيکارڻ گهرجي. هن پنهنجي فلم ”ستلج“ جو اسٽيج تي مذاق اڏائڻ تي به اعتراض ڪيو. دلجيت دوسانجهه چيو ته مان هڪ فنڪار آهيان ۽ سڀني سان محبت ڪريان ٿو، جيڪڏهن مان خاموش آهيان ته مون کي خاموش رهڻ ڏنو وڃي. مان سڀني جي حمايت ڪريان ٿو، پر ڪنهن کي به پنجابي ماڻهن کي وڙهڻ سيکارڻ جي ضرورت ناهي. هن پنهنجي فلم جو دفاع ڪندي چيو ته اها جسونت سنگهه خلرا جي زندگيءَ تي ٺاهي وئي آهي، جنهن لاءِ هن ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي. گلوڪار جي بيان کانپوءِ اڀيجيت ڊپڪي انسٽاگرام تي معافي وٺندي کيس پنهنجو ننڍو ڀاءُ قرار ڏنو. هن چيو ته جون ۾ شاگردن جي احتجاج دوران دلجيت دوسانجهه جي بيان سبب کيس ڏک پهتو هو، ڇاڪاڻ ته هو کيس هميشه اهڙي فنڪار طور ڏسندو رهيو آهي، جيڪو اهم معاملن تي آواز اٿاريندو آهي. اڀيجيت ڊپڪي وڌيڪ چيو ته اختلاف يا غلط فهمي سبب سندس دل ۾ گلوڪار لاءِ عزت ۽ پسنديدگي گهٽ نه ٿي آهي. هو اڄ به سندس گيت ٻڌي ٿو ۽ سندس جرئت، حقيقت پسندي ۽ عالمي سطح تي ڀارت جي نمائندگي ڪرڻ واري انداز کي ساراهي ٿو. هن معافي جي پڄاڻي پنجابي ٻوليءَ ۾ ڪندي لکيو ته باقي ڀاءُ، مون کي ننڍو ڀاءُ سمجهي معاف ڪري ڇڏ ۽ هن معاملي کي ختم ڪر. واضح رهي ته اهو تڪرار جون ۾ ان وقت شروع ٿيو هو، جڏهن دهلي ۾ نيٽ امتحان جي پيپر مبينا طور ليڪ ٿيڻ ۽ امتحاني بي ضابطگين خلاف شاگردن جي احتجاج ۾ شرڪت بابت سوال تي گلوڪار پاڻ کي ان معاملي کان الڳ ڪري ڇڏيو هو. انسٽاگرام لائيو دوران هڪ مداح جي سوال تي هن چيو هو ته مون کي انهن معاملن کان پري رکيو وڃي، مان فنڪار آهيان، سياستدان ناهيان ۽ مون کي سياسي معاملن جي سمجهه ناهي. سندس ان بيان تي مختلف حلقن طرفان تنقيد ڪئي وئي ۽ 2020ع ۾ هارين جي احتجاج جي حمايت بابت سندس اڳوڻي موقف سان ڀيٽ ڪئي وئي. اڀيجيت ڊپڪي به گلوڪار تي تنقيد ڪندي چيو هو ته هو ”ستلج“ جهڙين سياسي موضوعن تي ٺهيل فلمن ۾ ڪم ڪري ٿو، پر شاگردن جي احتجاج واري معاملي تي خاموش رهيو.










