پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اختلاف پنهنجي جاءِ تي آهن، پر صوبي جي امن لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو، خيبرپختونخوا جي امن ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن، صوبي جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن امن لاءِ شهادتون ماڻيون آهن. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبي کي امن جو مرڪز بڻائڻ ۽ ان جو سٺو تشخص اجاگر ڪرڻو آهي، ٻارن ۽ نوجوانن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي لهر دوران هر طبقي جا ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته اسڪولي ٻارن به هن جنگ ۾ شهادتون ڏنيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي صوبي جو هڪ مثبت تشخص اڳيان آڻڻو آهي، جڏهن ته هتي امن جي بحالي اسان جي پهرين ترجيح آهي.










