واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان ڳالهيون سٺي مرحلي ۾ آهن، پر ايران تي وڌيڪ ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. فلوريڊا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي هالووِين پارٽي دوران ڳالهائيندي هن چيو ته ايران معاهدو ڪري پوءِ ان تان ڦري وڃي ٿو. ڏسڻو آهي ته اهي ڪو معاهدو ڪن ٿا يا نه، اسان کي ڪا به جلدي ناهي. ٽرمپ چيو ته اسان ايران جي بحري فوج، هوائي فوج، فضائي دفاعي نظام، پيداواري صلاحيتن ۽ جوهري پروگرام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته هاڻي رڳو هڪ يا ٻه هنڌ باقي آهن، جن کي منهن ڏيڻو آهي. اسان اهو ڪم 10 منٽن ۾ ڪري سگهون ٿا ۽ ان لاءِ اسان وٽ منصوبو موجود آهي.










