شاهراهه ڀٽو کي محفوظ ۽ ماڊل روڊ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن

شاهراهه ڀٽو کي محفوظ ۽ ماڊل روڊ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي منصوبي بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ منصوبي جي سيڪيورٽي، ٽريفڪ انتظامن، جديد نگرانيءَ جي نظام، هنگامي سهولتن ۽ لاڳاپيل ادارن وچ ۾ رابطي (ڪوآرڊينيشن) جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي انتهائي اهميت وارو منصوبو آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران ان تي خاص توجهه ڏني پئي وڃي. اسان جو مقصد هن منصوبي کي هڪ محفوظ، جديد ۽ مثالي شاهراهه بڻائڻ آهي ته جيئن شهرين کي آمدورفت جون بهتر ۽ محفوظ سهولتون ميسر ٿي سگهن. سنڌ جي گهرو وزير هدايت ڪئي ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جي سيڪيورٽي حڪمتِ عملي ۽ لائحہ عمل جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ موجودهه انتظامن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي. هن چيو ته منصوبي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ان جي سيڪيورٽي تي خاص توجهه ڏيڻ اڻٽر آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا باهمي رابطي ۽ مضبوط حڪمتِ عملي تحت پنهنجون ذميواريون ادا ڪن. گهرو وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي لاءِ ٻه موبائل ميڪينڪ وينز جلد کان جلد تيار ڪيون وڃن ته جيئن سفر دوران اچانڪ خراب ٿيندڙ گاڏين کي ترت ٽيڪنيڪل مدد (ٽيڪنيڪل اسسٽنس) فراهم ڪري سگهجي. ان کان علاوه خراب ٿيل گاڏين کي شاهراهه تان محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ٽو ويهيڪل جو انتظام پڻ يقيني بڻايو وڃي، ته جيئن ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ٿئي ۽ شهرين کي مشڪلاتن جو منهن نه ڏسڻو پوي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جي داخلي ۽ خارجي رستن سميت اهم هنڌن جي باقاعده نشاندهي ۽ مارڪنگ ڪئي وڃي ۽ اتي جديد سي سي ٽي وي ڪئميرائون نصپ ڪرڻ جا قدم کنيا وڃن. انهن ڪئميرائن کي سيف سٽي منصوبي ۽ ايس فور سسٽم جو حصو بڻايو وڃي ته جيئن شاهراهه جي اثرائتي نگراني، سيڪيورٽي صورتحال تي نظر رکڻ ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ترت ردعمل کي يقيني بڻائي سگهجي. سنڌ جي گهرو وزير چيو ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي هڪ نئون ۽ اهم منصوبو آهي، جنهن کي ماڊل روڊ طور ترقيب ڏيڻ جو مقصد مستقبل ۾ هن طرز جي محفوظ ۽ جديد شاهراهن جو دائرو صوبي جي ٻين ضلعن تائين پڻ وسيع ڪرڻ آهي. هن زور ڏنو ته ترقياتي منصوبن جي وقت تي ۽ اثرائتي طريقي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن وچ ۾ رابطو ۽ سهڪار اڻٽر آهي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته منصوبي بابت پيش ايندڙ مسئلن، انتظامي معاملن ۽ سيڪيورٽي ضرورتن جو تفصيلي جائزو وٺي قابلِ عمل قدمن تي مشتمل سفارشون تيار ڪيون وڃن، جڏهن ته سمورا لاڳاپيل ادارا منصوبي سان لاڳاپيل معاملن کي اثرائتي نموني سان اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن. آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو اجلاس کي شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي تي جاري سيڪيورٽي انتظامن بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته شاهراهه جي حفاظت لاءِ موبائل پئٽرولنگ ڏينهن رات جاري آهي، جڏهن ته ٽريفڪ پوليس، لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس ۽ هاءِ ويز پوليس پڻ مسلسل پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. آئي جي سنڌ وڌيڪ ٻڌايو ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي تي سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ گهربل وسيلن، جديد سامان ۽ گاڏين بابت سفارشون جلد گهرو کاتي ڏانهن موڪليون وينديون ته جيئن ضروري وسيلن جي فراهمي ذريعي موجوده انتظامن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي. سنڌ جي گهرو وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت عوامي مفاد جي ترقياتي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ، شهرين جي تحفظ ۽ جديد سهولتن جي فراهميءَ کي ترجيح ڏئي ٿي. شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي کي محفوظ ۽ مثالي شاهراهه بڻائڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جون گڏيل ڪوششون ۽ اثرائتي هم آهنگي يقيني بڻائي ويندي.اجلاس ۾ سيڙپڪاري ۽ سرڪاري توڙي خانگي ڀائيواري (PPP) جي منصوبن بابت خاص معاون قاسم نويد قمر، ناڻي کاتي وارو سيڪريٽري، ٽرانسپورٽ ۽ بلديات وارا سيڪريٽريز، ايڊيشنل سيڪريٽري هوم، ٻين لاڳاپيل عملدارن، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي، ٽريفڪ، هاءِ ويز ۽ ايسٽ زون جا ڊي آئي جيز، تنوير گاڏهي سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو