اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڊسمبر جي پهرئين هفتي روس جو سرڪاري دورو ڪندو. وزيراعظم جي روس جي دوري لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن، ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس پڻ ٿيو. ذريعن موجب وزيراعظم ڊسمبر جي پهرئين هفتي روس جو سرڪاري دورو ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته دوري دوران وزيراعظم سان گڏ وڏو واپاري وفد پڻ ماسڪو ويندو، جڏهن ته وزيراعظم گڏيل بزنس فورم کي خطاب ڪندو.










