نصيرآباد: ٻن هارين کي اغوا ڪيو ويو

نصيرآباد: ٻن هارين کي اغوا ڪيو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلوچستان جي ضلعي نصيرآباد مان ٻن هارين کي اغوا ڪيو ويو آهي.پوليس موجب هارين جي اغوا جو واقعو نصيرآباد جي علائقي نوتال ۾ پيش آيو.ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس نصيرآباد غلام سرور مينگل موجب مغوي هاري پنهنجي زمينن تي ڪم ڪري رهيا هئا.غلام سرور مينگل ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ پوليس اغوا جو ڪيس داخل ڪري علائقي ۾ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي.ڊي ايس پي موجب مغوي هارين جي بازيابي لاءِ ڪارروايون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو