لاهور (ويب ڊيسڪ ) ٽه ملڪي سيريز جي فائينل پاڪستان 3 وڪيٽن تان سريلنڪا کي شڪست ڏئي کٽي ورتي. فخر الزمان جي سينچري، سعد بيگ ۽ عرفات جي شاندار بيٽنگ ۽ ففٽيز سبب سريلنڪا جي اميدن تي پاڻي فري ويو. فخر الزمان 6 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 99 بالن تي 127 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، سعد بيگ 11 چوڪن جي مدد سان 75 بالن تي 74 رنسون ٺاهيون، ميچ وننگ اننگ نوجوان آل رائونڊر عرفات منهاس جي هئي جنهن 4 ڇڪا ۽ 3 چوڪا هڻي 31 بالن تي 61 رنسون ٺاهيون. حسن نواز 2 چوڪن جي مدد سان 45 بالن تي 37 تي ناٽ آئوٽ رهيو، شاهين آفريدي ڇڪو هڻي وننگ اسٽروڪ کيڏيو. ان کان اڳ معاذ صداقت 5، بابر اعظم زيرو، سلمان آغا 25 بالن تي 17 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. آخري ۾ فهيم اشرف پهرين بال تي بنا رن ٺاهڻ جي ڪيچ ٿي ويو. لاهور ۾ پاڪستان، سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ سريلنڪا پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 326 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو. پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. قومي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس جي موقعي تي ٻڌايو ته طبيعت خراب هجڻ سبب شاداب خان اڄ ٽيم کي دستياب ناهي، سندس جاءِ تي فهيم اشرف کي شامل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سريلنڪن ڪپتان ڪوشل مينڊس چيو ته ٽاس هارائڻ باوجود کين خبر آهي ته پهريان بيٽنگ ڪندي ڇا ڪرڻو آهي. ٽيم ۾ ايشان ملنگا جي جاءِ تي مهیش ٿڪشانا کي شامل ڪيو ويو آهي.










