اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) آڪٽوبر 2026ع لاءِ مقرر ڪيل ٽيڪس وصولين جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.ايف بي آر مقرر ڪيل 1131 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ هن وقت تائين 975 ارب رپيا گڏ ڪيا آهن، اهڙيءَ طرح 156 ارب رپين جي کوٽ سامهون آئي آهي.ايف بي آر اختيارين کي اميد آهي ته اڄ ڇنڇر ڏينهن ڪجهه مخصوص ٽيڪس آفيسون ۽ بئنڪ شاخون کليل رهڻ سبب وڌيڪ 40 ارب رپيا وصول ٿي ويندا. ان صورتحال ۾ ماهوار ٽيڪس هدف ۾ لڳ ڀڳ 116 ارب رپين جي کوٽ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.










