حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سفارتخاني سعودي عرب ۾ مقرر پنهنجي غير هنگامي سرڪاري عملي ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي سيڪيورٽي خدشن سبب ملڪ ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.اهو فيصلو سعودي عرب تي حوثي حملن ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جي خدشڻ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. خبرن موجب رياض ۾ آمريڪي سفارتخاني سعودي عرب ۾ پنهنجي سفارتي مشنز جي لاءِ سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو آهي. انهي ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي حمايت يافته حوثي سعودي عرب جي خلاف ڪارروايون ڪري رهيا آهن جن ۾ شهري هوائي اڏن ۽ ٻين اهم ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ جا حملا به شامل آهن.آمريڪي سفارتخاني جي سيڪيورٽي آگاهي موجب اهڙن حملن جي نتيجي ۾ شهرين جي فوت ٿيڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا واقعا پيش آيا آهن، جڏهن ته فضائي سفير به سخت متاثر ٿيو آهي. آگاهي ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته اها ڇڪتاڻ پنهنجي موجوده دائري کان اڳيان تيزي سان پکڙجي سگهي ٿي.سفارتخاني وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته سعودي عرب ۾ موجود آمريڪي سرڪاري اهلڪار حوثي حملن کان پوءِ ڪنهن به سعودي هوائي اڏي جي استعمال کان اڳ مشن جي سربراهه کان اجازت حاصل ڪري ۽ چرپر جي دوران انتهائي احتياط کان ڪم وٺي. آمريڪي اختيارين طرفان اهي قدم سعودي عرب ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ خطي ۾ امڪاني ڇڪتاڻ جي خدشن کي ظاهر ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو