قومي تاريخ جي ناڪامين ۾ اسان سڀني جو حصو آهي: خواجه آصف

قومي تاريخ جي ناڪامين ۾ اسان سڀني جو حصو آهي: خواجه آصف

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسان سياسي دور ۾ قيد جون سختيون برداشت ڪيون، نيب مون کي بنا ڪنهن سبب جي گرفتار ڪيو، منهنجي مٿان ڪهڙو ڪيس هو اهو به نه ٻڌايو ويو، 2020 ۾ پي ٽي آءِ جي دور ۾ 6 مهينا نيب جي حراست ۾ رهيس، مشرف جي دور ۾ اٽڪ قلعي تي قيد رهيس، 4 ڀيرا جيل ڪاٽي آهي، انتقامي سياست ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي.سيالڪوٽ ۾ يونيورسٽي آف سينٽرل پنجاب جي سالياني ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي خواجه آصف جو چوڻ هو ته معرڪه حق ۾ اسان پاڻ کان وڏي دشمن کي شڪست ڏني، ڀارت سان جنگيون اڳ به ٿيون پر انهي ۾ وسوسا رهجي ويندا هئا، معرڪه حق کان پوءِ پاڻ هندستان جي اڳواڻن شڪست کي مڃيو هو.خواجه آصف چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 11 ڀيرا ڀارتي شڪست ۽ 70 ڀيرا ڀارتي جهازن جي ڪرڻ جو چئي چڪو آهي. خطي ۾ امن لاءِ فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ ڪوششون جاري آهن. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان جي ڪوششن سان ايران ۽ عرب ملڪن جي دوري ختم ٿي، اسان اسلامي دنيا کي هڪ رستو ڏيکاريو.هن چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي اڄ جيڪو مقام مليو آهي اهو 78 سالن ۾ نه ملي سگهيو پر ملڪ جي موجوده نظام ۽ سياسي حالتن جي ذميواري سياستدان پاڻ کي آجو قرار نٿا ڏئي سگهن. گذريل 70 سالن جي قومي تاريخ ۾ ٿيل ناڪامي ۾ اسان سڀني جو حصو آهي پاڻ کي به انهي نظام کان ڌار يا بي ڏوهي نٿو سمجهان.هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا لڳو ته سياست ڪري ٿڪجي چڪو آهيان 2 ڏينهن اڳ اسيمبلي ۾ مولانا سان ملاقات ٿي ته محسوس ٿيو ته ٿورو دم آهي، اسيمبلي فلور تي ڪيترائي ڀيرا چيو هو ته پنهنجو احتساب پاڻ ڪريو.خواجه آصف چيو ته نوجوان پنهنجي صلاحيتن ۽ هنر جي ذريعي ملڪ جي تقدير تبديل ڪري سگهن ٿا. هنرمند ۽ تعليم يافته نوجوان ئي ملڪي ترقي جا ضامن آهن. ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ نوجوانن جو بااختيار هجڻ ضروري آهي. دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته سياسي ماڻهو آهيان پر درسگاهن ۾ ڪڏهن به سياسي ڳالهيون ناهيان ڪندو، سياست شروع ڪئي ته سيالڪوٽ مون کي تمام گهڻي عزت سان نوازيو، 36 سالن کان ملڪ جي خدمت ڪري رهيو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو