ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس مختلف علائقن ۾ مقابلن دوران ٽن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب رضويه واري علائقي ۾ مقابلي کانپوءِ موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. جوابدار جي قبضي مان چوري ٿيل موٽرسائيڪل ۽ پستول هٿ ڪيو ويو. جوابدار موٽرسائيڪلون چوري ڪرڻ جي ڪيترين ئي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.ٻئي طرف خواجا اجمير نگري واري علائقي ۾ پوليس مقابلي کانپوءِ ٻن اسٽريٽ ڪرمنلز کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.جوابدارن جي قبضي مان روڪ رقم، هٿيار، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.










