جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي

جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي

نوشهروفيروز (ن س )نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پنجن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ اين پي پي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي، مسرور جتوئي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت ڪيسن جي ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. مورو واقعن بابت گهرو وزير جي گهر سميت چار ڪيس داخل ٿيل آهن، جن ۾ 50 کان وڌيڪ نامزد جوابدار پڻ عدالت پهتا.ٻئي طرف محبت ديرو ٿاڻي جي هڪ ڪيس جي ٻڌڻي سيشن ڪورٽ ۾ مقرر هئي، جتي جتوئي ڀائر پيش ٿيا ۽ ڪيس جي ڪارروائي جاري رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو